Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 18:25 - Sindhi Bible

25 ۽ اها زمين بہ پليت ٿيل آهي: تنهنڪري آءٌ انهن کي سندن بدڪاري جي سزا ڏيندس، اهڙي جو زمين پنهنجن رهاڪن کي اُلٽي ڪري ڪڍي ڇڏيندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

25 اها زمين بہ پليت ٿي ويئي آهي، تنهنڪري آءٌ خداوند انهيءَ کي سندس بدڪاريءَ جي اهڙي سزا ڏيندس جو اها پنهنجي رهاڪن کي اُلٽي ڪري ڪڍي ڇڏيندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 18:25
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هن بتن جي پيروي ڪرڻ سان تمام ڪراهت جهڙو ڪم ڪيو، ۽ هن امورين جي سڀني ڪمن موجب ڪيو هو، جن کي خداوند بني اسرائيل جي اڳيان ڪڍي ڇڏيو هو.)


جي تو پنهنجن ٻانهن نبين جي معرفت ڏنا، ۽ تو فرمايو تہ جنهن زمين جي قبضي وٺڻ لاءِ اوهين وڃو ٿا، سا غير قومن جي ناپاڪيءَ ڪري، ۽ جن نفرت جهڙن ڪمن سبب اُها هڪڙي پاسي کان وٺي ٻئي پاسي تائين گندگيءَ سان ڀريل آهي، تن ڪري ناپاڪ زمين آهي؛


۽ بيگناهن جو، يعني پنهنجي پٽن ۽ ڌيئرن جو رت وهايائون، جن کي انهن ڪنعان جي بتن جي اڳيان قربان ڪيو؛ ۽ ملڪ کي رت سان پليت ڪيائون.


تہ پوءِ آءٌ انهن کي سندن ڏوهن جي سببان لٺ سان، ۽ سندن خطا جي لاءِ چهبڪن سان سزا ڏيندس.


زمين سندس رهاڪن ڪري پليت ٿي آهي؛ ڇالاءِ جو هو شريعت جون حدون لنگهي ويا آهن، ۽ قانون بدلايو اٿن، ۽ دائمي عهد اقرار ڀڳو اٿن.


ڇالاءِ جو، ڏس، خداوند پنهنجي مڪان مان زمين جي رهاڪن کي سندن بدڪاريءَ جي سزا ڏيڻ لاءِ اچي ٿو: زمين بہ اُنهي رت کي ظاهر ڪندي جو منجهس آهي، ۽ جيڪي مٿس قتل ٿيا آهن تن کي نہ لڪائيندي.


خداوند پنهنجي قوم بابت هيئن ٿو فرمائي، تہ هي بہ اُنهيءَ طرح رلڻ پسند ٿا ڪن؛ هنن پنهنجن پيرن کي نہ روڪيو آهي: تنهن ڪري خداوند هنن کي قبول نٿو ڪري؛ هاڻي هو هنن جي بدڪاري ياد ڪندو، ۽ هنن جي گناهن جي سزا ڏيندو.


۽ پهرين آءٌ هنن جي بدڪاري ۽ گناهہ جو ٻيڻو بدلو ڏيندس؛ ڇالاءِ جو هنن پنهنجي ڪراهت جهڙين شين جي مڙهن سان منهنجي زمين کي پليت ڪيو آهي، ۽ منهنجي ميراث کي پنهنجن نفرت جهڙين شين سان ڀري ڇڏيو اٿن.


۽ مون اوهان کي سڪار واري زمين ۾ آندو، انهي لاءِ تہ انهي جو ڦر، ۽ انهي جي چڱي پيدائش کائو؛ پر جڏهن اوهين منهنجي ملڪ ۾ داخل ٿيا تڏهن اُن کي پليت ڪيوَ ۽ منهنجي ميراث کي ڪِنو ڪري ڇڏيوَ.


تنهن ڪري خداوند اسرائيل جو خدا منهنجي قوم جي ڌنارن جي برخلاف هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهان منهنجو ڌڻ ڇڙ وڇڙ ڪري ڇڏيو آهي، ۽ انهي کي هڪالي ڪڍيو آهي، ۽ انهي جي خبر نہ لڌي اٿوَ؛ ڏسو، خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ اوهان جن ڪرتوتن جي بڇڙائي سبب اوهان جي خبر لهندس.


خداوند ٿو فرمائي تہ انهن ڳالهين ڪري آءٌ سزا نہ ڏيندس ڇا؟ اهڙي قوم کان منهنجو روح وير نہ وٺندو ڇا؟


خداوند ٿو فرمائي تہ اهڙين ڳالهين جي ڪري آءٌ سزا نہ ڏيندس ڇا؟ اهڙي قوم کان منهنجو روح وير نہ وٺندو ڇا؟


خداوند ٿو فرمائي تہ انهن ڳالهين ڪري آءٌ هنن کي سزا نہ ڏيندس ڇا؟ اهڙي قوم کان منهنجو روح وير نہ وٺندو ڇا؟


۽ آءٌ بعليم جي ڏينهن جي سزا هن تي آڻيندس، جن جي لاءِ هوءَ لوبان ساڙيندي هئي؛ جڏهن هوءَ پاڻ کي پنهنجن پنڙن ۽ پنهنجن جواهرن سان سينگاري پنهنجي يارن جي پٺيان ويندي هئي، ۽ مون کي وساري ڇڏيندي هئي، خداوند ائين ٿو فرمائي.


باقي منهنجي نذرانن جي قربانين لاءِ، هو گوشت قربان ڪري کائين ٿا؛ پر خداوند کين قبول نٿو ڪري: هاڻي هو سندن بدڪاري ياد ڪندو، ۽ گناهن جي سزا ڏيندو؛ هو مصر ۾ موٽي ويندا.


هنن پاڻ کي تمام گهڻو خراب ڪيو آهي، جيئن جبعہ جي ڏينهن ۾ ڪيو هئائون: هو هنن جون بدڪاريون ياد ڪندو، هو هنن جي گناهن جي سزا ڏيندو.


تنهنڪري اوهين قانونن ۽ حڪمن تي عمل ڪجو، ۽ انهن مڪروهہ ڪمن مان ڪوبہ نہ ڪجو؛ نڪي گهرو، نڪي پرديسي جيڪي اوهان منجهہ رهندا هجن، انهن مان ڪو ڪم ڪن:


سو ائين نہ ٿئي تہ جڏهن اوهين انهيءَ زمين کي پليت ڪريو، تڏهن اها اوهان کي بہ اهڙيءَ طرح اُلٽي ڪري ڪڍي ڇڏي، جهڙيءَ طرح اوهان کان اڳ ۾ رهندڙ قوم کي ڪڍي ڇڏيائين.


اسان کي خبر آهي تہ ساري مخلوقات هن وقت تائين گڏجي پيئي ڪنجهي ۽ سور کائي،


ڇالاءِ تہ جيڪو اهو ڪم ڪري ٿو، سو خداوند جي نظر ۾ مڪروهہ آهي: ۽ اهڙين ڪراهتن جي ڪري، خداوند تنهنجو خدا، انهن کي تنهنجي اڳيان هڪالي ٿو ڪڍي.


تہ انهي جو لاشو سڄي رات وڻ تي لٽڪيل نہ رهي، پر تون انهي ڏينهن هن کي دفن ڪج؛ ڇالاءِ تہ جنهن کي ڦاسي ٿي ملي، سو خدا جي طرفان لعنتي آهي؛ تہ جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ورثي طور ڏئي ٿو، تنهن کي تون ناپاڪ نہ ڪرين.


تون پنهنجي راستبازيءَ يا پنهنجيءَ دل جي سچائيءَ جي ڪري، انهن جي ملڪ تي قبضو ڪرڻ نٿو وڃين: پر انهن قومن جي بدڪاريءَ جي سببان خداوند تنهنجو خدا انهن کي تنهنجي اڳيان هڪالي ٿو ڪڍي، انهي لاءِ تہ خداوند تنهنجي ابن ڏاڏن سان، يعني ابرهام سان، اسحاق سان، ۽ يعقوب سان قسم کڻي جيڪو واعدو ڪيو هو، سو پورو ڪري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ