Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 18:24 - Sindhi Bible

24 اوهين انهن مان ڪوبہ ڪم ڪري پاڻ کي پليت نہ ڪجو: ڇالاءِ تہ جن قومن کي آءٌ اوهان جي اڳيان ڪڍي ڇڏيندس، سي سڀ انهن ڪمن جي ڪري پليت ٿيون آهن:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

24 اوهين انهن مان ڪوبہ ڪم ڪري پاڻ کي پليت نہ ڪجو، ڇاڪاڻ تہ جن قومن کي آءٌ اوهان جي اڳيان لوڌي ڪڍندس، سي سڀ انهن ڪمن جي ڪري ئي پليت ٿيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 18:24
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هو چوٿينءَ پيڙهيءَ ۾ موٽي هتي ايندا: ڇالاءِ جو امورين جي گناهن جو گهڙو اڃا ڀريو نہ آهي.


تہ آءٌ اسرائيل کي اُنهيءَ ملڪ مان ڪڍي ڇڏيندس جو مون هنن کي ڏنو آهي؛ ۽ هيءُ گهر، جنهن کي مون پنهنجي نالي لاءِ پاڪ ڪيو آهي، سو پنهنجي نظر مان ڪڍي ڇڏيندس؛ ۽ اسرائيل سڀني قومن ۾ هڪڙو مثل ۽ پهاڪو ٿي ويندو:


۽ هن اهي ڪم ڪيا جي خداوند جي نظر ۾ خراب هئا؛ ۽ انهن غير قومن جي نفرت جهڙن ڪمن جهڙا هئا، جن کي خداوند بني اسرائيل جي اڳيان ڪڍي ڇڏيو هو.


هاڻي جڏهن هي ڪم پورا ٿيا، تڏهن امير مون وٽ آيا، ۽ چوڻ لڳا تہ، اسرائيل جي ماڻهن، ۽ ڪاهنن، ۽ لاوين پاڻ کي ماڻهن کان ڌار نہ ڪيو آهي، ۽ انهن جي ڪراهت وارن دستورن موجب هليا آهن، يعني ڪنعانين، ۽ حتين، ۽ فرزين، ۽ يبوسين، ۽ عمونين، ۽ موآبين، ۽ مصرين، ۽ امورين جي دستورن موجب:


انهيءَ طرح اهي پنهنجي ڪمن جي ڪري پليت ٿيا، ۽ پنهنجي افعالن جي ڪري زناڪار ٿي پيا.


انهيءَ هوندي بہ مون اوهان ڏي پنهنجا ٻانها نبي، صبح جو سوير اُٿي موڪليا، ۽ چيم تہ اڙي اهو ڪراهت جهڙو ڪم جو آءٌ ڌڪاريان ٿو سو نہ ڪريو.


اي آدمزاد، جڏهن اسرائيل جي گهراڻي وارا پنهنجي ملڪ ۾ رهندا هئا، تڏهن هنن پنهنجين راهن ۽ پنهنجن ڪمن سان انهي کي ناپاڪ ڪيو: هنن جي راهہ منهنجي اڳيان اهڙي ناپاڪ هئي جهڙي حيض واري زال جي ناپاڪي.


مصر جو ملڪ جنهن ۾ اوهين رهندا هئا، انهن جهڙا ڪم اوهين متان ڪريو: ۽ ڪنعان جو ملڪ، جتي آءٌ اوهان کي وٺي ٿو هلان، انهن جهڙا ڪم بہ اوهين متان ڪريو: نڪي اوهين انهن جي قانونن تي هلجو.


تنهنڪري اوهين منهنجو حڪم مڃيندا رهجو، انهي لاءِ تہ اوهان کان اڳي جيڪي مڪروهہ رسمون ۽ ڪم ڪيا ويا هئا، تن مان اوهين ڪوبہ نہ ڪريو، ۽ نڪي انهن جي ڪري پاڻ کي پليت ڪريو: آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.


جنهن ملڪ ۾ اوهين رهو ٿا، ۽ جنهن ملڪ ۾ آءٌ بہ ٿو رهان، تنهن کي پليت نہ ڪجو: ڇالاءِ جو آءٌ خداوند بني اسرائيل جي وچ ۾ ٿو رهان.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو خدا جي هيڪل برباد ڪندو تہ خدا انهي کي برباد ڪندو، ڇالاءِ جو خدا جي هيڪل پاڪ آهي ۽ اُها هيڪل اوهين آهيو.


پر تون خداوند پنهنجي خدا سان ائين نہ ڪج: ڇالاءِ جو هرڪو ڪراهت جهڙو ڪم، جنهن کان خدا کي نفرت آهي، سو انهن پنهنجن معبودن لاءِ ڪيو آهي؛ بلڪ اهي پنهنجن پٽن ۽ پنهنجين ڌيئرن کي بہ معبودن جي اڳيان باهہ ۾ ساڙين ٿا.


ڇالاءِ تہ جيڪو اهو ڪم ڪري ٿو، سو خداوند جي نظر ۾ مڪروهہ آهي: ۽ اهڙين ڪراهتن جي ڪري، خداوند تنهنجو خدا، انهن کي تنهنجي اڳيان هڪالي ٿو ڪڍي.


جڏهن خداوند تنهنجو خدا انهن کي تنهنجي اڳيان هڪالي ڪڍي، تڏهن تون پنهنجيءَ دل ۾ ائين نہ چئج، تہ منهنجيءَ راستبازيءَ جي ڪري خداوند مون کي هن ملڪ تي قبضو ڪرڻ لاءِ هتي وٺي آيو آهي: بلڪ انهن قومن جي بدڪاريءَ جي سببان خداوند انهن کي تنهنجي اڳيان هڪالي ٿو ڪڍي.


تون پنهنجي راستبازيءَ يا پنهنجيءَ دل جي سچائيءَ جي ڪري، انهن جي ملڪ تي قبضو ڪرڻ نٿو وڃين: پر انهن قومن جي بدڪاريءَ جي سببان خداوند تنهنجو خدا انهن کي تنهنجي اڳيان هڪالي ٿو ڪڍي، انهي لاءِ تہ خداوند تنهنجي ابن ڏاڏن سان، يعني ابرهام سان، اسحاق سان، ۽ يعقوب سان قسم کڻي جيڪو واعدو ڪيو هو، سو پورو ڪري.


۽ اسين اسرائيل جي سڀني فرقن مان، هر ڪنهن سؤ مان ڏهہ ماڻهو وٺنداسين، ۽ هر ڪنهن هزار مان هڪ سؤ، ۽ ڏهن هزارن مان هڪ هزار وٺنداسين، تہ قوم لاءِ کاڌو آڻين، ۽ جڏهن بنيمين واري جبعہ ۾ اچن تڏهن جيڪو احمق پڻو هنن اسرائيل ۾ ڪيو آهي، انهيءَ موجب هنن سان ڪن.


جبعہ جا ماڻهو مون تي ڪاهي آيا، ۽ رات جو گهر جي چوڌاري مون کي وڪوڙي ويا؛ هنن منهنجي مارڻ جو خيال ڪيو، ۽ منهنجي سريت سان هنن زور زبردستي ڪئي، ۽ هوءَ مري ويئي.


۽ پوءِ مون پنهنجي سريت کي وڍي ٽڪر ٽڪر ڪيو، ۽ اُهي اسرائيل جي سڄي موروثي ملڪ ۾ موڪلي ڏنم: ڇالاءِ جو هنن اسرائيل ۾ برائي ۽ احمق پڻو ڪيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ