22 تون ڪنهن مرد سان زال وانگر نہ سمهج: ڇالاءِ جو اهو مڪروهہ آهي.
22 اوهان ڪنهن مرد سان عورت وانگر صحبت نہ ڪجو، ڇاڪاڻ تہ اهو ڪراهت جهڙو ڪم آهي.
۽ لوط کي سڏي چيائون تہ جيڪي ماڻهو اڄ رات تو وٽ آيا هئا، سي ڪٿي آهن؟ انهن کي اسان وٽ وٺي اچ تہ ساڻن صحبت ڪريون.
۽ اُنهيءَ ملڪ ۾ لونڊي باز ماڻهو بہ هئا: جن قومن کي خداوند بني اسرائيل جي اڳيان هڪالي ڪڍيو هو، تن جي ڪراهت جهڙن ڪمن جهڙا هو ڪم ڪندا هئا.
۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن مرد سان بدفعلي ڪندو، تہ انهن ٻنهي ڪراهت جهڙو ڪم ڪيو آهي: اهي ٻئي ضرور ماريا ويندا؛ انهن جو خون سندن گردن تي آهي.
يا اوهين نٿا ڄاڻو تہ بدڪار خدا جي بادشاهت جا وارث نہ ٿيندا؟ ڀلجي نہ وڃو، نڪي زناڪار، نڪي بُت پرست، نڪي حرامڪار، نڪي عياش، نڪي لونڊي باز،
تون ڪنهن ڪسبياڻيءَ جي يا لونڊي جي ڪمائيءَ مان نذرانو ڪري، خداوند پنهنجي خدا جي گهر ۾ متان آڻين: ڇالاءِ جو انهن ٻنهي کان خداوند تنهنجي خدا کي نفرت آهي.
زناڪارن ۽ لونڊي بازن ۽ بردہ فروشن لاءِ، ڪوڙن ماڻهن ۽ ڪوڙن قسمن کڻڻ وارن لاءِ، ۽ انهن کانسواءِ صحيح تعليم جي برخلاف ٻيا جيڪي ڪم آهن، تن جي ڪرڻ وارن لاءِ مقرر ٿي آهي.
جهڙيءَ طرح ڪ سدوم ۽ عموراہ ۽ اُنهن جي آس پاس وارا شهر، جي انهن وانگر زناڪاريءَ ۽ لونڊي بازيءَ جي پٺيان پيا، سي هميشہ جي باهہ جي سزا پيا سهن، تہ ٻين جي عبرت لاءِ هڪڙو مثال ٿين.
هنن پنهنجيون دليون خوش ويٺي ڪيون تہ اوچتو شهر جا ماڻهو، ڪي شيطان زادا، گهر کي چوڌاري وڪوڙي ويا، ۽ در کڙڪائڻ لڳا؛ ۽ گهر جي مالڪ، يعني انهيءَ پير مرد کي چوڻ لڳا، تہ جيڪو ماڻهو تنهنجي گهر ۾ آيو، تنهن کي ڪڍي اچ تہ اسين انهي جي خبر لهون.