Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 18:2 - Sindhi Bible

2 تون بني اسرائيل سان گفتگو ڪري کين چئُہ تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 بني اسرائيل لاءِ هي فرمايو تہ ”آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 18:2
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ پنهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾، ۽ تو کان پوءِ تنهنجي نسل جي وچ ۾، انهن جي سڀني پيڙهين لاءِ ابدي عهد ڪندس؛ آءٌ تنهنجو ۽ تو کان پوءِ تنهنجي اولاد جو خدا ٿيندس.


جنهن قوم جو خدا خداوند آهي، ۽ جنهن اُمت کي هن پنهنجي ميراث ٿيڻ لاءِ چونڊيو آهي، سا مبارڪ آهي.


آءٌ خداوند تنهنجو خدا آهيان، جنهن توکي مصر جي ملڪ، ۽ غلاميءَ جي گهر مان ڪڍي ٻاهر آندو آهي.


آءٌ اوهان کي پنهنجي اُمت سمجهندس، ۽ اوهان کي خبر پوندي تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان؛ جو اوهان کي مصرين جي تڪليفن کان ڇڏايان ٿو.


۽ هنن کي چئو تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ جنهن ڏينهن مون اسرائيل کي چونڊي ڪڍيو ۽ يعقوب جي گهراڻي جي اولاد سان مون قسم کاڌو، ۽ مصر جي ملڪ ۾ هنن کي پاڻ ڄاڻايم، ۽ جڏهن مون هنن سان قسم کائي چيو تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان:


۽ مون چيومان تہ اوهان مان هرڪو پنهنجين اکين اڳيان ڪراهتي شيون اُڇلائي ڇڏي، ۽ اوهين پاڻ کي مصر جي بُتن سان ناپاڪ نہ ڪريو: آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.


ڇالاءِ جو آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان: تنهنڪري اوهين پاڻ کي پاڪ ڪريو، ۽ مقدس ٿيو؛ ڇو تہ آءٌ پاڪ آهيان. جيڪو بہ سرندڙ جيت زمين تي سري ٿو، تنهن سان اوهين پاڻ کي پليت نہ ڪجو:


۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ


تنهنڪري اوهين منهنجو حڪم مڃيندا رهجو، انهي لاءِ تہ اوهان کان اڳي جيڪي مڪروهہ رسمون ۽ ڪم ڪيا ويا هئا، تن مان اوهين ڪوبہ نہ ڪريو، ۽ نڪي انهن جي ڪري پاڻ کي پليت ڪريو: آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.


اوهين منهنجن حڪمن تي هلجو، ۽ اوهين منهنجن قانونن تي عمل ڪجو، ۽ انهن تي هلجو: آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.


۽ تون پنهنجي ڊاک جي منهہ جا سڀ ڇڳا ڇني گڏ نہ ڪج، نڪي پنهنجي ڊاک جا ڪريل داڻا چونڊي کڻج؛ پر اهي غريبن ۽ مسافرن لاءِ ڇڏي ڏج: آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.


جيڪو پرديسي اوهان منجهہ اچي رهي، سو اوهان ۾ ملڪي ماڻهوءَ جهڙو آهي، ۽ تون انهي کي پاڻ جهڙو پيار ڪج؛ ڇالاءِ جو اوهين بہ مصر جي ملڪ ۾ مسافر هئا: آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.


۽ جنهن قوم کي آءٌ اوهان جي اڳيان هڪالي ٿو ڪڍان، تنهنجين رسمن تي اوهين نہ هلجو: ڇالاءِ جو انهن اهي سڀ ڪم ڪيا آهن، تنهنڪري مون انهن کان نفرت ڪئي.


تنهنڪري اوهين پاڻ کي پاڪ ڪريو، ۽ پاڪ رهو: ڇالاءِ جو آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ