Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 18:19 - Sindhi Bible

19 جيڪا زال پنهنجيءَ ماهواريءَ جي ڪري اڃا ناپاڪ هجي، تنهن جو ننگ کولڻ لاءِ، سندس ويجهو نہ وڃج.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

19 جيڪا عورت پنهنجي ماهواريءَ جي ڪري اڃا ناپاڪ هجي، تنهن جي اوگھڙ ڏسڻ لاءِ سندس ويجھو نہ وڃجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 18:19
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن دائود قاصد موڪلي انهي کي گهرايو؛ ۽ هوءَ وٽس آئي، ۽ هو ساڻس ستو؛ (ڇالاءِ جو هوءَ پنهنجي ناپاڪيءَ کان پاڪ هئي؛) ۽ پوءِ هوءَ پنهنجي گهر هلي ويئي.


۽ هن جبلن تي نہ کاڌو هوندو، ۽ نہ اسرائيل جي گهراڻي جي بُتن ڏانهن پنهنجون اکيون کنيون هوندائين، نڪي پنهنجي پاڙيسريءَ جي زال کي ناپاڪ ڪيو هوندائين، نڪي ڪنهن زال کي حيض ۾ ويجهو آيو آهي؛


تنهنجي وچ ۾ هنن پنهنجن ابن جي اوگهڙ ظاهر ڪئي آهي: تو ۾ هنن حيض وارين زالن کي خراب ڪيو آهي.


تون بني اسرائيل سان گفتگو ڪري کين چئُہ تہ جيڪڏهن ڪا زال حاملہ ٿئي، ۽ پٽ ڄڻي، تہ اها ست ڏينهن ناپاڪ رهندي، جهڙيءَ طرح هوءَ پنهنجي ماهواريءَ جي ڏينهن ۾ ناپاڪ رهندي آهي.


جڏهن ڪنهن زال جي بدن مان ماهواري رت اچي، تڏهن اها ستين ڏينهن تائين جدا رهندي؛ ۽ جيڪو کيس ڇهندو، سو شام تائين ناپاڪ رهندو.


۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو هن سان گڏ هڪڙي ئي هنڌ تي ستو هجي، ۽ هن جو گند کيس لڳو هجي، تہ اهو ستن ڏينهن تائين ناپاڪ رهندو؛ ۽ جنهن جنهن هنڌ هو ستو هوندو، سو بہ ناپاڪ ٿيندو.


تون هڪڙيءَ زال جي جيئري هوندي، انهيءَ جي ڀيڻ کي سندس پهاڄ ٿيڻ لاءِ، ۽ انهيءَ جو ننگ کولڻ لاءِ، نہ وٺج.


۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن زال جي ماهواريءَ وقت انهيءَ سان سمهي، ۽ سندس ننگ کولي؛ تہ هن انهيءَ جو چشمو اُگهاڙو ڪيو آهي، ۽ زال پنهنجي رت جو چشمو ظاهر ڪيو آهي: تہ اهي ٻئي پنهنجي قوم مان تباهہ ڪيا ويندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ