16 تون پنهنجي ڀاءُ جي زال جو ننگ نہ کولج: اها تنهنجي ڀاءُ جو ننگ آهي.
16 اوهان پنهنجي ڀاڄائيءَ جي اوگھڙ نہ ڏسجو، ڇاڪاڻ تہ اها اوهان جي ڀاءُ جي عزت آهي.
۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي ڀاڄائيءَ کي پاڻ وٽ ويهاريندو تہ اها ناپاڪي آهي: هن پنهنجي ڀاءُ جو ننگ کوليو آهي؛ اهي بي اولاد مرندا.
اي اُستاد، موسيٰ چيو آهي تہ جيڪڏهن ڪو ماڻهو مري وڃي ۽ اولاد ڪونہ هجيس، تہ انهي جو ڀاءُ سندس زال پرڻجي، ۽ پنهنجي ڀاءُ لاءِ اولاد پيدا ڪري.
اي استاد، موسيٰ اسان لاءِ لکي ويو آهي تہ جي ڪنهن ماڻهوءَ جو ڀاءُ مري وڃي، ۽ پٺيان زال بنا اولاد ڇڏي، تہ سندس ڀاءُ سندس زال پرڻجي، ۽ پنهنجي ڀاءُ لاءِ اولاد پيدا ڪري.
ڇالاءِ تہ هيروديس پاڻ ماڻهو موڪلي يوحنا کي جهلايو هو، ۽ پنهنجي ڀاءُ فلپس جي زال هيرودياس جي خاطر قيدخاني ۾ وڌو هئائينس، جو هن سان پرڻجي ويٺو هو.
پر يوحنا، چوٿين ڀاڱي جي حاڪم هيروديس کي، سندس ڀاءُ فلپس جي زال هيرودياس جي ڳالهہ تان، ۽ جيڪي جيڪي برا ڪم ڪيا هئائين، تن سببان جهڻڪيو هو،
جڏهن ڪي ڀائر گڏ رهندا هجن، ۽ انهن مان هڪڙو مري وڃي، ۽ پٽ نہ هجيس، تہ انهي فوتيءَ جي زال ڌارئي ماڻهو سان نہ وڃي پرڻجي: سندس مڙس جو ڀاءُ انهيءَ وٽ وڃي، ۽ کيس پنهنجي زال ڪري، ۽ ساڻس ڏير جو حق ادا ڪري.