Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 17:6 - Sindhi Bible

6 ۽ ڪاهن انهن جو رت جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ، خداوند جي قربانگاهہ تي ڇاٽاري، ۽ انهن جي چرٻي خداوند جي لاءِ، چڱي خوشبوءِ جي واسطي ساڙي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 ڪاهن انهن جو رت خيمي جي سامهون اڱڻ ۾ منهنجي قربان‌گاهہ تي ڇٽڪاري ۽ انهن جي چرٻي منهنجي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ واسطي ساڙي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 17:6
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ جيڪا چرٻي آنڊن تي لڳل هجي، ۽ جيري تي جيڪو پردو هجي، ۽ بڪيون ۽ مٿن جيڪا چرٻي هجي؛ اهي سڀ کڻي قربانگاهہ تي ساڙج.


۽ تون اهو سڄو گهٽو قربانگاهہ تي ساڙج: اها خداوند جي لاءِ سوختني قرباني آهي؛ اها خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قرباني آهي، ۽ باهہ سان ساڙي ويندي.


پر لاوي ڪاهن صدوق جا پٽ، جي منهنجي پاڪ مڪان جي تڏهن بہ سنڀال ڪندا هئا جڏهن بني اسرائيل مون کان ڦري ويا هئا، سي منهنجي خدمت چاڪري ڪرڻ لاءِ ڀلي منهنجي اڳيان بيهن.


انهي لاءِ تہ بني اسرائيل جيڪي پنهنجون قربانيون کلي ميدان ۾ ذبح ڪن ٿا، سي جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ، خداوند جي حضور ۾، ڪاهن وٽ آڻين، ۽ انهن کي خداوند جي لاءِ سلامتيءَ جي قربانين طور ذبح ڪن.


۽ ڪاهن انهي کي قربانگاهہ تي رکي ساڙي: اها قربانيءَ جي خوراڪ آهي، جا خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙبي آهي.


۽ هو انهي جي مٿي تي پنهنجو هٿ رکي، ۽ پوءِ جماعت واري تنبو جي سامهون انهيءَ کي ذبح ڪري: ۽ هارون جا پٽ انهيءَ جو رت قربانگاهہ جي مٿان چوڌاري ڇاٽارين.


۽ ڪاهن انهن کي قربانگاهہ تي رکي ساڙي: اها قربانيءَ جي خوراڪ آهي، جا چڱي خوشبوءِ لاءِ باهہ سان ساڙبي آهي: سڀ چرٻي خداوند جي آهي.


هو پنهنجي قربانيءَ جي مٿي تي پنهنجو هٿ رکي، ۽ پوءِ جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ انهي کي ذبح ڪري؛ ۽ هارون جا پٽ، جي ڪاهن آهن، سي انهي جو رت قربانگاهہ جي مٿان چوڌاري ڇاٽارين.


۽ هارون جا پٽ انهي کي قربانگاهہ جي ٻرندڙ ڪاٺين تي، سوختني قربانيءَ جي مٿان رکي ساڙين: اها خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قرباني آهي، جا باهہ سان ساڙبي آهي.


۽ هو پنهنجي قربانيءَ جي مٿي تي پنهنجو هٿ رکي، ۽ پوءِ جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ انهي کي ذبح ڪري، ۽ هارون جا پٽ انهي جو رت قربانگاهہ جي مٿان چوڌاري ڇاٽارين.


۽ انهيءَ جي سڀ چرٻي ڪڍي وٺي، جيئن ڪ سلامتيءَ جي قربانيءَ مان ڪڍبي آهي؛ ۽ ڪاهن اها قربانگاهہ تي رکي ساڙي، تہ خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ ٿئي؛ ۽ ڪاهن هن جي لاءِ ڪفارو ڪري، تہ پوءِ هن کي معافي ملندي.


پر ڳئون جي پهرئين ڄاول ٻچي جو، يا رڍ جي پهرئين ڄاول ٻچي جو، يا ٻڪريءَ جي پهرئين ڄاول ٻچي جو عيوضو نہ وٺج؛ اهي پاڪ آهن: انهن جو رت تون قربانگاهہ تي ڇاٽاري ڇڏج؛ ۽ انهن جي چرٻي باهہ سان ساڙيل قربانيءَ لاءِ ساڙي ڇڏج، تہ خداوند جي لاءِ چڱي خوشبوءِ ٿئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ