Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 17:5 - Sindhi Bible

5 انهي لاءِ تہ بني اسرائيل جيڪي پنهنجون قربانيون کلي ميدان ۾ ذبح ڪن ٿا، سي جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ، خداوند جي حضور ۾، ڪاهن وٽ آڻين، ۽ انهن کي خداوند جي لاءِ سلامتيءَ جي قربانين طور ذبح ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 انهيءَ حڪم جو مقصد هي آهي تہ بني اسرائيل جا ماڻهو جيڪي پنهنجي قربانين جا جانور کُليل ميدان ۾ قربانيءَ طور ذبح ڪن ٿا، سي هاڻي مون سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ واري در تي، مون خداوند جي حضور ۾ ڪاهن وٽ آڻين ۽ انهن کي سلامتيءَ جي قربانيءَ طور اتي ذبح ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 17:5
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ابرهام بيرسبع ۾ هڪڙو لئيءَ جو وڻ لڳايو، ۽ اتي خداوند، ابدي خدا کان دعا گهريائين.


پوءِ ابرهام پنهنجيون اکيون مٿي کڻي نهاريو ۽ پنهنجي پٺيان هڪڙو گهيٽو ڏٺائين جنهن جا سڱ هڪڙي گهاٽي ٻوڙي ۾ اٽڪيل هئا تڏهن ابرهام وڃي اهو گهيٽو آندو ۽ پنهنجي پٽ جي بدران انهيءَ جي سوختني قرباني ڪيائين.


تڏهن هن چيو تہ تنهنجو پٽ، تنهنجو سڪيلڌو پٽ اسحاق، جنهن کي تون پيار ٿو ڪرين، تنهن کي وٺي مورياہ جي ملڪ ۾ وڃ، ۽ اتي جيڪو جبل آءٌ توکي ڏيکاريان، تنهن تي هن کي سوختني قربانيءَ لاءِ چاڙهہ.


پوءِ يعقوب انهيءَ جبل تي قرباني ڪئي، ۽ پنهنجن ڀائرن کي ماني کائڻ لاءِ سڏيائين: ۽ هنن ماني کاڌي ۽ سڄي رات انهيءَ جبل تي گذاريائون.


ڇالاءِ جو هنن پنهنجي لاءِ مٿانهيون جايون، ۽ ٿنڀ، ۽ يسيرت، سڀ ڪنهن مٿانهين ٽڪريءَ تي، ۽ سڀ ڪنهن سائي وڻ هيٺ بہ جوڙيا؛


ماڻهو فقط مٿانهن هنڌن تي قربانيون چاڙهيندا هئا، ڇالاءِ جو انهن ڏينهن تائين خداوند جي نالي تي ڪوبہ گهر جڙيل نہ هو.


۽ سليمان خداوند سان محبت رکي پنهنجي پيءُ دائود جي قانونن تي هليو: رڳو مٿانهن هنڌن تي قربانيون ڪندو هو ۽ لوبان ساڙيندو هو.


۽ مٿانهين جاين تي، ۽ ٽڪرين تي، ۽ سڀني ساون وڻن هيٺ هو قرباني ڪندو هو، ۽ لوبان ساڙيندو هو.


۽ سڀ ڪنهن مٿانهين ٽڪر تي، ۽ سڀ ڪنهن سائي وڻ هيٺ، هنن پنهنجي لاءِ ٿنڀ ۽ يسيرتون کڙيون ڪيون:


۽ هن مٿانهين جاين ۾، ۽ ٽڪرن تي، ۽ سڀ ڪنهن سائي وڻ هيٺ قرباني ڪئي ۽ لوبان ساڙيو.


۽ هن بني اسرائيل جي ڪيترن جوانن کي موڪليو، جن سوختنيون قربانيون چاڙهيون؛ ۽ خداوند جي لاءِ ڏاندن جون سلامتيءَ جون قربانيون چاڙهيائون.


ڇالاءِ جو جڏهن مون هنن کي انهي زمين ۾ آندو هو جنهن جي کين ڏيڻ لاءِ مون قسم کنيو، تڏهن هنن سڀ ڪنهن مٿانهين ٽڪريءَ ۽ سڀ ڪنهن ٿلهي وڻ ڏانهن نگاهہ ڪئي، ۽ اُتي پنهنجون قربانيون چاڙهيائون، ۽ اُتي پنهنجو ڪاوڙ ڏيارڻ جهڙو نذرانو پيش ڪيائون؛ ۽ اُتي پنهنجون خوشبودار شيون رکيائون ۽ پيئڻ واريون قربانيون بہ اوتيائون.


تو ۾ رت هارڻ جي لاءِ چغلخور ماڻهو رهيا آهن: ۽ هنن تو ۾ جبلن تي ويهي کاڌو آهي: تنهنجي وچ ۾ هنن شهوت پرستي ڪئي آهي.


۽ جڏهن هو اُهي ڏينهن پورا ڪندا، تڏهن هيئن ٿيندو تہ اٺين ڏينهن، ۽ انهي کانپوءِ، ڪاهن قربانگاهہ تي اوهانجون سوختني قربانيون، ۽ اوهان جون سلامتيءَ واريون قربانيون چاڙهيندا: ۽ خداوند خدا ٿو فرمائي تہ آءٌ اوهان کي قبول ڪندس.


پر لاوي ڪاهن صدوق جا پٽ، جي منهنجي پاڪ مڪان جي تڏهن بہ سنڀال ڪندا هئا جڏهن بني اسرائيل مون کان ڦري ويا هئا، سي منهنجي خدمت چاڪري ڪرڻ لاءِ ڀلي منهنجي اڳيان بيهن.


۽ انهي کي خداوند جي خيمي جي اڳيان، خداوند جي واسطي قرباني چاڙهڻ لاءِ جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ نہ آڻيندو: تنهن تي خون جو الزام ايندو؛ ڄڻ تہ هن رت وهايو آهي؛ ۽ اهو پنهنجن ماڻهن مان تباهہ ڪيو ويندو:


۽ ڪاهن انهن جو رت جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ، خداوند جي قربانگاهہ تي ڇاٽاري، ۽ انهن جي چرٻي خداوند جي لاءِ، چڱي خوشبوءِ جي واسطي ساڙي.


اوهين ضرور اهي سڀ جايون برباد ڪري ڇڏجو، جتي اهي قومون، جن جا اوهين وارث ٿيندا، سي اُتانهن جبلن تي، ۽ ٽڪرين تي، ۽ هر ڪنهن سائي وڻ هيٺ، پنهنجن معبودن جي عبادت ڪنديون هيون:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ