Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 16:6 - Sindhi Bible

6 ۽ هارون پنهنجي گناهہ جي قربانيءَ لاءِ وهڙو حاضر ڪري، ۽ پنهنجي لاءِ ۽ پنهنجي خاندان جي لاءِ ڪفارو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 پوءِ هارون پنهنجي لاءِ پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ طور وهڙو پيش ڪري تہ جيئن پنهنجي لاءِ ۽ پنهنجي خاندان جي لاءِ ڪفارو ادا ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 16:6
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هيئن ٿيندو هو تہ جڏهن انهن جي مجلس ڪرڻ جا ڏينهن لنگهي ويندا هئا تڏهن ايوب هنن کي پاڪ ڪندو هو، ۽ هو سوير اُٿي انهن سڀني جي شمار موجب سوختني قربانيون چاڙهندو هو: ڇالاءِ جو ايوب چوندو هو تہ متان منهنجن پٽن گناهہ ڪيو هجي، ۽ پنهنجي دل ۾ خدا کي ڇڏي ڏنو هجي. انهيءَ طرح هميشہ ايوب ڪندو هو.


خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ لاوي ڪاهن جي صدوق جي نسل جا آهن، ۽ مون کي ويجها آهن تہ منهنجي خدمت چاڪري ڪن، تن کي تون هڪڙو وهڙو گناهہ جي قرباني لاءِ ڏجانءِ.


۽ جڏهن هو اُهي ڏينهن پورا ڪندا، تڏهن هيئن ٿيندو تہ اٺين ڏينهن، ۽ انهي کانپوءِ، ڪاهن قربانگاهہ تي اوهانجون سوختني قربانيون، ۽ اوهان جون سلامتيءَ واريون قربانيون چاڙهيندا: ۽ خداوند خدا ٿو فرمائي تہ آءٌ اوهان کي قبول ڪندس.


۽ جڏهن هارون پاڪ مڪان ۾ اچي تڏهن هن ريت داخل ٿئي: يعني گناهہ جي قربانيءَ لاءِ هڪڙو وهڙو، ۽ سوختني قربانيءَ لاءِ هڪڙو گهٽو آڻي.


پوءِ هو ٻہ ٻڪر جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ خداوند جي حضور ۾ آڻي.


پوءِ موسيٰ هارون کي چيو تہ تون قربانگاهہ جي ويجهو وڃ، ۽ پنهنجي گناهہ جي قرباني، ۽ پنهنجي سوختني قرباني چاڙهہ، ۽ پنهنجي لاءِ ۽ اُمت جي لاءِ ڪفارو ڪر: ۽ اُمت جي قرباني چاڙهہ، ۽ انهيءَ جي لاءِ ڪفارو ڪر؛ جيئن ڪ خداوند فرمايو آهي.


جنهن کي انهن سردار ڪاهنن وانگر اها ضرورت ڪانهي تہ هو روز پهرين پنهنجن گناهن لاءِ، ۽ پوءِ اُمت جي گناهن لاءِ قربانيون چاڙهي: ڇالاءِ جو ائين هن هڪڙي ئي ڀيري ڪيو، جڏهن پاڻ کي قرباني ڪري ڏنائين.


۽ هڪڙي ئي ڀيري هو پاڪ جاءِ ۾ ٻڪرين ۽ گابن جي رت جي وسيلي نہ، پر خود پنهنجي رت جي وسيلي اسان جي لاءِ ابدي نجات حاصل ڪري داخل ٿيو.


پر ٻئي حصي ۾ رڳو سردار ڪاهن سال ۾ فقط هڪڙو ڀيرو اڪيلو داخل ٿيندو آهي، ۽ پاڻ سان رت کڻي ويندو آهي، جو رت هو پنهنجي ۽ پنهنجيءَ اُمت جي خطائن لاءِ نذرانو ڪري ڏيندو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ