Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 16:4 - Sindhi Bible

4 هو سڻيءَ جو پهراڻ پائي، ۽ سڻيءَ جي سٿڻ بت تي ڍڪي، ۽ سڻيءَ جو ڪمربند ٻڌي، ۽ مٿي تي سڻيءَ جي پڳڙي رکي: اهي پاڪ ڪپڙا آهن؛ تنهنڪري هو وهنجي پوءِ اهي ڍڪي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 هارون ڪاهنن وارو هي لباس پائي: سڻيءَ جو پهراڻ، سڻيءَ جي سٿڻ، سڻيءَ جو پٽو ۽ سڻيءَ جي پڳ. اهو مخصوص لباس آهي، تنهنڪري هو وهنجي پوءِ اهو پائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 16:4
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ تون پنهنجي ڀاءُ هارون جي واسطي، عزت ۽ زينت جي لاءِ هڪڙي پاڪ پوشاڪ ٺاهہ.


۽ هارون ۽ سندس پٽن کي جماعت واري تنبوءَ جي در تي وٺي اچج، ۽ کين پاڻيءَ سان وهنجارج.


جڏهن هو جماعت واري تنبوءَ ۾ وڃن، تڏهن پاڻيءَ سان پنهنجا هٿ ۽ پير ڌوئن، تہ مري نہ پون: ۽ جڏهن هو قربانگاهہ تي خداوند جي خدمت ڪرڻ ۽ سوختني قرباني چاڙهڻ وڃن، تڏهن بہ ائين ڪن.


۽ تون هارون ۽ سندس پٽن کي جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ آڻي، کين پاڻيءَ سان غسل ڏج:


ڇالاءِ جو هو انهي جي سامهون نازڪ ٻوٽي وانگي ۽ سڪيءَ زمين مان نڪتل پاڙ وانگي اُڀريو: هن کي نڪا صورت آهي، نڪا سونهن؛ ۽ جڏهن اسين هن کي ڏسون ٿا تڏهن منجهس ڪا خوبصورتي ڪانهي جنهن ڪري اسين هن جا مشتاق ٿيون.


۽ جڏهن هو نڪري ٻاهرين ايوان ۾ وڃن، يعني عام ماڻهن واري ايوان ۾، تڏهن جن ڪپڙن ۾ هنن خدمت ٿي ڪئي سي لاهي پاڪ ڪوٺين ۾ رکن ۽ ٻيا ڪپڙا پائين، تہ متان پنهنجن ڪپڙن سان عام خلق کي پاڪ ڪن.


۽ ڏسو، جيڪو مٿيون دروازو اُتر ڏانهن آهي، انهي مان ڇهہ ماڻهو آيا، هر ڪنهن کي قتل ڪرڻ جو هٿيار هٿ ۾ هو؛ ۽ انهن جي وچ ۾ هڪڙو ماڻهو سڻيءَ جي پوشاڪ سان هو، جنهن جي چيلهہ ۾ ڪاتبن وارو قلمدان هو. ۽ اُهي اندر لنگهي وڃي پتل واري قربانگاهہ جي پاسي ۾ بيٺا.


پوءِ هارون جماعت واري تنبوءَ ۾ اچي اهي سڻيءَ جا ڪپڙا لاهي، جيڪي پاڪ مڪان ۾ وڃڻ مهل پاتا هئائين، ۽ اهي اتي رکي ڇڏي.


۽ پاڻ ڪنهن پاڪ هنڌ تي ويهي وهنجي، ۽ پنهنجا ڪپڙا پائي ٻاهر اچي، ۽ پنهنجي سوختني قرباني، ۽ اُمت جي سوختني قرباني چاڙهي، ۽ پنهنجي لاءِ توڙي اُمت جي لاءِ ڪفارو ڪري.


۽ جيڪو بہ ڪاهن مسح ڪيو وڃي، ۽ جيڪو پنهنجي پيءُ جي جاءِ تي ڪاهن ٿيڻ لاءِ مخصوص ڪيو وڃي، سو ڪفارو ڪري، ۽ سڻيءَ جا ڪپڙا، يعني پاڪ پوشاڪ ڍڪي:


۽ ڪاهن پنهنجي سڻيءَ جي پوشاڪ پائي، ۽ سڻيءَ جي سٿڻ بت تي ڍڪي؛ ۽ سوختني قرباني جا قربانگاهہ جي باهہ ۾ سڙي رک ٿي ويئي هجي، اها رک هو کڻي قربانگاهہ جي پاسي تي وجهي.


يا ڪا گم ٿيل شيءِ لڀي ۽ انهيءَ ۾ ڪپت ڪري، يا ڪوڙو قسم کڻي؛ يعني انهن سڀني مان ڪنهن هڪڙي جي ڪرڻ ڪري گنهگار ٿئي:


تنهن تي ملائڪ وراڻي ڏيئي چيس، تہ پاڪ روح توتي نازل ٿيندو، ۽ خدا تعاليٰ جي قدرت توتي ڇانوَ ڪندي: تنهنڪري اُهو پاڪ جو ڄمندو سو خدا جو فرزند ڪوٺبو.


پر پاڻ کي خالي ڪري ڇڏيائين، ۽ خادم جي صورت اختيار ڪري اچي انسان ٿيو؛


تڏهن اچو تہ اسين سچيءَ دل سان ۽ پوري ايمان سان دل جي الزام کان پاڪ ٿيڻ لاءِ پنهنجين دلين تي ڇڻڪار ڪري، ۽ پنهنجي بدن کي صاف پاڻيءَ سان ڌوئي، سندس ويجها وڃون.


تنهنڪري جڏهن ٻار گوشت ۽ رت ۾ شريڪ آهن، تڏهن هو پاڻ بہ ساڳيءَ طرح انهي ۾ ڀائيوار آهي، تہ جنهن کي موت تي اختيار هو تنهن کي، يعني شيطان کي، موت جي وسيلي نيست ڪري؛


ڇالاءِ جو اهڙي ئي سردار ڪاهن جي اسان کي گهُرج هئي، جو پاڪ، بي ريا، بي عيب، گنهگارن کان ڌار ۽ آسمانن کان بہ مٿي ڪيو ويو هجي،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ