Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 16:31 - Sindhi Bible

31 اهو اوهان جي آرام لاءِ پاڪ سبت آهي، ۽ اوهين پنهنجي روح جي رياضت ڪجو؛ اهو هميشہ جي لاءِ قانون آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

31 اهو اوهان جي لاءِ آرام جو مخصوص ڏينهن آهي. انهيءَ ڏينهن اوهين پنهنجي پنهنجي نفس کي مارجو، اهو ئي هميشہ جي لاءِ قانون آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 16:31
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهن کانپوءِ، اهوا نديءَ وٽ مون روزو رکڻ جو اشتهار ڪيو، انهيءَ لاءِ تہ اسين پاڻ کي پنهنجي خدا جي اڳيان نماڻا ڪريون، ۽ انهيءَ کان پنهنجي لاءِ، ۽ پنهنجن ٻارن لاءِ، سنئون رستو گهرون، ۽ پنهنجي مال ملڪيت لاءِ بہ سوال ڪريون.


ڇهہ ڏينهن ڪم ڪار ڪيو وڃي؛ پر ستون ڏينهن پوري آرام جي لاءِ سبت آهي، اهو خداوند جي لاءِ پاڪ آهي: جيڪو سبت جي ڏينهن ڪو ڪم ڪندو، سو ضرور ماريو ويندو.


ڇهہ ڏينهن ڪم ڪار ڪيو وڃي، پر ستون ڏينهن اوهان جي لاءِ پاڪ ڏينهن ٿيندو، يعني خداوند جي لاءِ خاص آرام جو سبت ٿيندو: جيڪو انهي ڏينهن ڪم ڪندو، سو ماريو ويندو.


هو چون ٿا تہ اسين ڇو روزا ٿا رکون جڏهن تون اهي نٿو ڏسين؟ اسين ڇو پنهنجيءَ جان کي ڏک ٿا ڏيون جڏهن تون انهي جي خبر نٿو رکين؟ ڏسو پنهنجي روزي جي ڏينهن اوهين پنهنجي خوشي پوري ٿا ڪريو، ۽ زوريءَ ٻين کان ٿا وٺو.


اهڙو روزو مون کي پسند آهي ڇا؟ يا اهڙو ڏينهن جنهن ۾ ماڻهو پنهنجي جان کي ڏک ڏئي؟ يا ڪاني وانگي پنهنجو مٿو جهڪائي، ۽ پنهنجي هيٺان کٿو وڇائي ۽ رک پکيڙي؟ انهي کي تون روزو چوندين ڇا، ۽ خداوند وٽ ثاب پوڻ جو ڏينهن چوندين ڇا؟


تڏهن هن مون کي چيو، تہ داني ايل، ڊڄ نہ؛ ڇالاءِ جو شروع کان، جنهن ڏينهن تو سمجهڻ جي لاءِ، ۽ پنهنجي خدا جي اڳيان نماڻي ٿيڻ جي لاءِ، دل ۾ ارادو ڪيو، تنهن ڏينهن کان وٺي تنهنجي دعا ٻڌي ويئي: ۽ آءٌ تنهنجي دعا جي سبب آيو آهيان.


اهو اوهان جي لاءِ پوري آرام جو سبت ٿيندو، ۽ اوهين پنهنجي روح جي رياضت ڪجو: انهي مهيني جي نائين تاريخ جي شام کان وٺي ٻيءَ شام تائين، پنهنجي آرام جو وقت ڪري ليکجو.


پر ستون ورهيہ انهيءَ زمين جي لاءِ پوري آرام جو سبت ٿيندو، يعني خداوند جي لاءِ سبت ٿيڻ گهرجي: انهي ۾ نڪي تون پنهنجي ٻني پوکج، نڪي پنهنجي ڊاک جي ڇانگ ڪج.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ