Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 16:3 - Sindhi Bible

3 ۽ جڏهن هارون پاڪ مڪان ۾ اچي تڏهن هن ريت داخل ٿئي: يعني گناهہ جي قربانيءَ لاءِ هڪڙو وهڙو، ۽ سوختني قربانيءَ لاءِ هڪڙو گهٽو آڻي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 هارون مقدس ترين جاءِ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ هن طرح تياري ڪري جو پاڻ سان پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ هڪڙو وهڙو ۽ ساڙڻ واري قربانيءَ لاءِ هڪڙو گھٽو عبادت‌گاهہ وٽ آڻي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 16:3
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪڏهن انهي جي قرباني ڌڻن مان، يعني رڍن يا ٻڪرين مان، سوختني قرباني هجي؛ تہ هو هڪڙو بي عيب نر آڻي پيش ڪري.


جيڪڏهن انهي جي قرباني ڍورن مان سوختني قرباني هجي، تہ اهو ڍور نر ۽ بي عيب هئڻ گهرجي: هو انهي کي جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ آڻي پيش ڪري، تہ هو پاڻ خداوند جي حضور ۾ قبول پوي.


۽ هارون پنهنجي گناهہ جي قربانيءَ لاءِ وهڙو حاضر ڪري، ۽ پنهنجي لاءِ ۽ پنهنجي خاندان جي لاءِ ڪفارو ڪري.


۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ


۽ جيڪڏهن ڪو مسح ڪيل ڪاهن ڪو اهڙو گناهہ ڪري جنهنڪري سڄي اُمت ڏوهاري ٿئي؛ تہ پوءِ هن جيڪو گناهہ ڪيو آهي، تنهن جي لاءِ هڪڙو بي عيب وهڙو خداوند جي حضور ۾ گناهہ جي قربانيءَ لاءِ آڻي پيش ڪري.


پوءِ هن گناهہ جي قربانيءَ وارو وهڙو آندو: ۽ هارون ۽ سندس پٽن پنهنجا هٿ انهي گناهہ جي قربانيءَ واري وهڙي جي مٿي تي رکيا.


پوءِ هن سوختني قربانيءَ جو گهٽو آڻي پيش ڪيو: ۽ هارون ۽ سندس پٽن گهٽي جي مٿي تي پنهنجا هٿ رکيا.


۽ هارون کي چيائين، تہ هڪڙو وهڙو گناهہ جي قربانيءَ لاءِ ۽ هڪڙو بي عيب گهٽو سوختني قربانيءَ لاءِ وٺ، ۽ اهي خداوند جي حضور ۾ آڻي پيش ڪر.


۽ بني اسرائيل کي چئُہ تہ گناهہ جي قربانيءَ لاءِ هڪڙو نر ٻڪر، ۽ سوختني قربانيءَ لاءِ هڪڙو وهڙو ۽ هڪڙو گهٽو، جي ٻئي بي عيب ۽ يڪسالا هجن؛


۽ هڪڙي ئي ڀيري هو پاڪ جاءِ ۾ ٻڪرين ۽ گابن جي رت جي وسيلي نہ، پر خود پنهنجي رت جي وسيلي اسان جي لاءِ ابدي نجات حاصل ڪري داخل ٿيو.


پر ٻئي حصي ۾ رڳو سردار ڪاهن سال ۾ فقط هڪڙو ڀيرو اڪيلو داخل ٿيندو آهي، ۽ پاڻ سان رت کڻي ويندو آهي، جو رت هو پنهنجي ۽ پنهنجيءَ اُمت جي خطائن لاءِ نذرانو ڪري ڏيندو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ