Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 16:24 - Sindhi Bible

24 ۽ پاڻ ڪنهن پاڪ هنڌ تي ويهي وهنجي، ۽ پنهنجا ڪپڙا پائي ٻاهر اچي، ۽ پنهنجي سوختني قرباني، ۽ اُمت جي سوختني قرباني چاڙهي، ۽ پنهنجي لاءِ توڙي اُمت جي لاءِ ڪفارو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

24 ان بعد هو پاڻ ڪنهن پاڪ جڳهہ تي ويهي وهنجي ۽ پنهنجا عام ڪپڙا پائي ٻاهر اچي. پوءِ هو پنهنجي ۽ قوم جي ڪفاري ادا ڪرڻ لاءِ پنهنجي طرفان ساڙڻ واري قرباني پيش ڪري ۽ قوم جي طرفان بہ اهڙي قرباني پيش ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 16:24
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ تون هارون جي پٽن جي واسطي بہ سندن عزت ۽ زينت جي لاءِ پهراڻ، ڪمربند، ۽ ٽوپيون جوڙج.


۽ تون اهي پنهنجي ڀاءُ هارون ۽ ساڻس گڏ سندس پٽن کي پهرائج، ۽ انهن کي مسح ڪري، مخصوص ۽ پاڪ ڪج، تہ اهي منهنجي حضور ۾ ڪهانت جي عهدي تي رهي خدمت ڪن.


جڏهن ڪاهن اُتي لنگهي اچن، تڏهن هو انهي پاڪ جاءِ مان نڪري ٻاهرين ايوان ۾ نہ وڃن، پر اُتي هو پنهنجا ڪپڙا رکن، جن ۾ هو خدمت چاڪري ڪن ٿا؛ ڇالاءِ جو اُهي پاڪ آهن: ۽ هو ٻيا ڪپڙا پائي عام ماڻهن واري جاءِ جي ويجهو وڃن.


۽ ستين ڏينهن هو پنهنجي مٿي جا سڀ وار، ۽ پنهنجي ڏاڙهي ۽ ڀرون ڪوڙائي، مطلب تہ پنهنجا سڀ وار ڪوڙائي: ۽ پنهنجا ڪپڙا ڌوئي، ۽ پاڻيءَ ۾ وهنجي، تہ پوءِ هو پاڪ ٿيندو.


۽ گناهہ جي قربانيءَ جي چرٻي قربانگاهہ تي رکي ساڙي.


تہ اهو ماڻهو جو اهڙي ڪنهن بہ شيءِ کي ڇهندو، سو شام تائين ناپاڪ رهندو، ۽ جيسين هو پاڻيءَ ۾ نہ وهنجي، تيسين پاڪ شيون نہ کائي.


پوءِ موسيٰ هارون کي چيو تہ تون قربانگاهہ جي ويجهو وڃ، ۽ پنهنجي گناهہ جي قرباني، ۽ پنهنجي سوختني قرباني چاڙهہ، ۽ پنهنجي لاءِ ۽ اُمت جي لاءِ ڪفارو ڪر: ۽ اُمت جي قرباني چاڙهہ، ۽ انهيءَ جي لاءِ ڪفارو ڪر؛ جيئن ڪ خداوند فرمايو آهي.


ڇالاءِ جو اُهي فقط کائڻ ۽ پيئڻ ۽ جدا جدا قسمن جي غسلن سان تعلق رکندڙ جسماني قانون آهن، جي سڌاري جي وقت تائين مقرر ڪيا ويا هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ