Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 16:21 - Sindhi Bible

21 ۽ هارون انهي جيئري ٻڪر جي مٿي تي پنهنجا هٿ رکي، ۽ بني اسرائيل جي سڀني بدڪارين، ۽ سڀني قصورن، يعني انهن جي سڀني گناهن جو انهي تي قبولدار ٿئي؛ ۽ هو اهي سڀ ٻڪر جي سر تي رکي، پوءِ جيڪو ماڻهو انهي ڪم لاءِ مقرر ڪيل هجي، تنهن جي هٿان انهي ٻڪر کي بيابان ڏانهن موڪلي ڇڏي:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

21 هارون انهيءَ جي مٿي تي پنهنجا ٻئي هٿ رکي ۽ بني اسرائيل جي سڀني بدڪارين، نافرمانين ۽ سڀني گناهن جو انهيءَ جي مٿان قبولدار ٿي اهي سڀ ٻڪر جي سر تي رکي. پوءِ انهيءَ ٻڪر کي تنهن ماڻهوءَ جي هٿان بيابان ڏانهن روانو ڪري ڇڏي جنهن کي انهيءَ ڪم لاءِ مقرر ڪيو ويو هجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 16:21
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هاڻي جيستائين عزرا خدا جي گهر اڳيان اونڌو ٿي روئي دعا پئي گهري، ۽ گناهہ پئي قبول ڪيائين، ايتري ۾ هن وٽ اسرائيل جي مردن ۽ زالن ۽ ٻارن جي هڪڙي جماعت اچي گڏ ٿي: ڇالاءِ جو ماڻهن ڏاڍو رُنو.


مون تو وٽ پنهنجا گناهہ باسيا، ۽ مون پنهنجي برائي ڪين لڪائي: مون چيو تہ آءٌ خداوند وٽ پنهنجن گناهن جو اقرار ڪندس؛ ۽ تو منهنجن گناهن جي برائي معاف ڪئي.


ڇو جو آءٌ پنهنجا ڏوهہ باسيان ٿو: ۽ منهنجا گناهہ هميشہ منهنجي سامهون آهن.


۽ تون اهو وهڙو جماعت واري تنبوءَ جي سامهون آڻج: ۽ هارون ۽ سندس پٽ وهڙي جي مٿي تي پنهنجا هٿ رکن.


جيڪو پنهنجا قصور لڪائي ٿو سو سکيو نہ گذاريندو، پر جيڪو اُهي قبول ڪندو ۽ ڇڏيندو تنهن کي رحم حاصل ٿيندو.


اسين سڀ رڍن وانگي گمراهہ ٿي ويا آهيون؛ اسان مان هرڪو پنهنجي پنهنجي رستي ڏانهن ڦري ويو آهي؛ پر خداوند اسان سڀني جو گناهہ هن جي مٿان رکيو آهي.


هو پنهنجو هٿ انهيءَ سوختني قربانيءَ جي مٿي تي رکي؛ تہ اها سندس لاءِ قبول پوي ۽ سندس ڪفارو ٿئي.


۽ جڏهن هو پاڪ مڪان ۽ جماعت واري تنبوءَ ۽ قربانگاهہ جي لاءِ ڪفارو ڪري چڪي، تڏهن اهو جيئرو ٻڪر آڻي حاضر ڪري:


۽ اهو ٻڪر انهن جون سڀ بدڪاريون کڻي ڪنهن ويران پٽ ۾ ويندو: پوءِ هو انهي ٻڪر کي بيابان ۾ ڇڏي ڏئي.


۽ جڏهن هو پنهنجي بدڪاريءَ ۽ پنهنجي ابن ڏاڏن جي بدڪاريءَ جو اقرار ڪندا، ۽ قبولدار ٿيندا، تہ جيڪا منهنجي نافرماني ڪري هو منهنجي برخلاف هليا آهن،


۽ هيئن ٿيندو تہ، جڏهن هو انهن مان هڪڙيءَ ڳالهہ جو ڏوهاري ٿئي، تڏهن هو قبول ڪري، تہ فلاڻيءَ ڳالهہ ۾ مون گناهہ ڪيو آهي:


ڇالاءِ جو راستبازيءَ لاءِ ماڻهو دل سان ايمان ٿو آڻي، ۽ نجات جي واسطي وات سان اقرار ٿو ڪري.


جنهن کي گناهہ جي ڪابہ واقفيت ڪانہ هئي، تنهن کي هن اسان جي واسطي گناهہ ٺهرايو؛ انهي لاءِ تہ هن ۾ اسين خدا جي راستبازي ٿي پئون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ