Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 16:2 - Sindhi Bible

2 ۽ چيائينس تہ تون پنهنجي ڀاءُ هارون کي چئُہ تہ پردي جي اندر پاڪ مڪان ۾ صندوق جي مٿان جيڪو رحمت جو پوش آهي، تنهن جي اڳيان هو هر وقت نہ اچي؛ تہ هو مري نہ پوي: ڇالاءِ جو آءٌ رحمت جي پوش تي ڪڪر ۾ ڏيکاري ڏيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 ”تون پنهنجي ڀاءُ هارون کي چئُہ تہ پردي جي اندر مقدس ترين جاءِ ۾ عهد واري صندوق مٿان جيڪو رحمت جو پوش آهي تنهن جي اڳيان هو هر وقت نہ اچي، تہ متان مري نہ وڃي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ رحمت جي پوش مٿان ڪڪر ۾ ڏيکاري ڏيندو آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 16:2
26 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ گهر جي پٺئين پاسي، فرش کان وٺي ڀتين تائين هن ويهہ هٿ ديودار جي تختن سان اڏايا: بلڪ انهيءَ جي اندران بہ الهامگاهہ لاءِ، يعني پاڪ ترين جاءِ لاءِ، هن اُهي اڏايا.


۽ ڪاهنن خداوند جي صندوق کڻي پنهنجي مقرر جاءِ تي آندي، يعني گهر جي الهامگاهہ ۾، پاڪ ترين جاءِ تي، اصل ڪروبين جي پرن هيٺ.


جنهنڪري ڪاهن انهيءَ ڪڪر جي سبب خدمت ڪرڻ لاءِ بيهي نہ سگهيا: ڇالاءِ جو خداوند جي جلال سان خدا جو گهر ڀرجي ويو.


۽ هارون سال ۾ هڪ ڀيرو انهيءَ جي سڱن تي ڪفارو ڪري؛ ۽ اوهانجين سڀني پيڙهين تائين، سال ۾ هڪڙو ڀيرو گناهہ جي قربانيءَ واري ڪفاري جي رت سان، ڪفارو ڪيو وڃي؛ اهو خداوند جي لاءِ تمام پاڪ آهي.


پوءِ هو اهو لوبان خداوند جي حضور ۾ ٽانڊن تي وجهي، تہ لوبان جو دونهون شاهديءَ تي رکيل رحمت جي پوش کي ڍڪي ڇڏي، تہ هو مري نہ پوي:


۽ اهو اوهان جي لاءِ هميشہ جو قانون ٿيندو، تہ سال ۾ هڪڙو ڀيرو بني اسرائيل جي لاءِ، سندن سڀني گناهن جي سبب ڪفارو ڪيو وڃي، سو هن ائين ئي ڪيو جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.


انهي ستين مهيني جو ڏهون ڏينهن ڪفاري جو ڏينهن آهي: انهي ڏينهن اوهان جي لاءِ پاڪ جماعت گڏ ٿئي، ۽ اوهين پنهنجي روح جي رياضت ڪجو؛ ۽ اوهين خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙڻ واري قرباني پيش ڪجو.


۽ اوهين ستن ڏينهن تائين، جماعت واري تنبوءَ جي در تي رات ڏينهن ويٺا رهجو، ۽ خداوند جي حڪم جي تعميل ڪجو، تہ مري نہ پئو: ڇالاءِ جو مون کي اهڙو ئي حڪم مليو آهي.


پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ هارون جي لٺ شاهديءَ جي صندوق جي سامهون رک، تہ فساد ڪندڙن لاءِ نشاني ٿي رهي، ۽ اهي منهنجي برخلاف جيڪا ڪرڪر ٿا ڪن، سا تون بند ڪري ڇڏين، تہ متان هو مري وڃن.


پر تون ۽ تو سان گڏ تنهنجا پٽ، قربانگاهہ ۽ پردي جي اندر جي سڀ ڪم ڪار لاءِ، پنهنجي ڪهانت قائم رکجو، ۽ خدمت ڪجو: آءٌ ڪهانت جي خدمت اوهان کي بخشش طور ٿو ڏيان، ۽ جيڪو ڌاريو ماڻهو ويجهو ايندو سو ماريو ويندو.


۽ اهي تمام پاڪ شين جي ويجهو اچڻ جي ڪري مري نہ پون، تنهنڪري اوهين هيئن ڪريو تہ هارون ۽ سندس پٽ اندر وڃي هرهڪ کي پنهنجي پنهنجي خدمت، ۽ پنهنجي پنهنجي بار کڻڻ لاءِ مقرر ڪن:


جڏهن منزل کڄي تڏهن هارون ۽ سندس پٽ اندر وڃن، ۽ پردي وارو ڍڪ لاهين، ۽ شاهديءَ جي صندوق کي انهي سان ڍڪين،


۽ ڏسو، هيڪل جو پردو چوٽيءَ کان وٺي تري تائين ڦاٽي ٻہ اڌ ٿي پيو، ۽ زلزلو ٿيو، ۽ ڏونگر ڏري پيا؛


اُها اُميد اسان جي جان جو اهڙو لنگر آهي، جو مضبوط ۽ قائم آهي، ۽ پردي جي اندر بہ پهچي ٿي؛


نہ انهي لاءِ تہ هو وري وري پاڻ کي قربان ڪري؛ جيئن ڪ سردار ڪاهن هر سال پاڪ جاءِ ۾، پنهنجو نہ پر ٻئي جو رت کڻي ٿو وڃي؛


۽ ٻئي پردي جي پٺيان اُهو حصو هو جنهن کي پاڪ ترين جاءِ چوندا آهن؛


۽ اُنهي جي مٿان جلال جا ڪروبي هئا، جي ڪفارہ گاهہ تي ڇانوَ ڪيو بيٺا هوندا هئا. انهن ڳالهين جو اسين هاڻي تفصيلوار بيان ڪري نٿا سگهون.


۽ اُها پاڪ جاءِ خدا جي جلال ۽ سندس قدرت جي دونهين سان ڀرجي ويئي؛ ۽ جيسين اُنهن ستن ملائڪن جون ست آفتون پوريون نہ ٿيون، تيسين ڪوبہ انهيءَ پاڪ جاءِ ۾ گهڙي نہ سگهيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ