Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 16:18 - Sindhi Bible

18 پوءِ هو ٻاهر نڪري، خداوند جي حضور ۾ جيڪا قربانگاهہ آهي، اتي اچي، ۽ انهيءَ جي لاءِ ڪفارو ڪري؛ ۽ وهڙي جي رت مان، ۽ ٻڪر جي رت مان ڪجهہ کڻي، قربانگاهہ جي سڱن تي چوڌاري لڳائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 پوءِ هو ٻاهر نڪري انهيءَ قربان‌گاهہ وٽ اچي جيڪا مون خداوند جي آڏو آهي ۽ انهيءَ جي لاءِ ڪفارو ادا ڪري. هو وهڙي ۽ ٻڪر جي رت مان ڪجھہ کڻي قربان‌گاهہ جي چئني ڪنڊن وارن سڱن تي لڳائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 16:18
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هارون سال ۾ هڪ ڀيرو انهيءَ جي سڱن تي ڪفارو ڪري؛ ۽ اوهانجين سڀني پيڙهين تائين، سال ۾ هڪڙو ڀيرو گناهہ جي قربانيءَ واري ڪفاري جي رت سان، ڪفارو ڪيو وڃي؛ اهو خداوند جي لاءِ تمام پاڪ آهي.


۽ ان جي رت مان ڪجهہ کڻي ان جي چئن سڱن تي، ۽ طاق جي چئن ڪُنڊن تي ۽ ان جي چوڌاري ڪناري تي ڇاٽارج: انهي طرح تون انهي کي صاف ڪج ۽ انهي لاءِ ڪفارو ڏج.


۽ ٻئي ڏينهن هڪڙو بي عيب ٻڪر گناهہ جي قربانيءَ لاءِ پيش ڪج؛ ۽ هو قربانگاهہ کي صاف ۽ پاڪ ڪندا، جيئن هنن انهي کي ڍڳي سان پاڪ صاف ڪيو هو.


۽ ڪاهن گناهہ جي قربانيءَ جو رت کڻي گهر جي در جي ٿنڀن تي، ۽ قربانگاهہ جي طاقيءَ جي چئني ڪُنڊن تي، ۽ اندرئين ايوان جي در جي ٿنڀن تي ڇاٽاري.


۽ هو پاڪ مڪان جي لاءِ بني اسرائيل جي ناپاڪيءَ سبب، ۽ انهن جي قصورن سبب، يعني انهن جي سڀني گناهن جي سبب ڪفارو ڪري: ۽ ساڳيءَ طرح جماعت واري تنبوءَ جي لاءِ بہ ڪري، جو ساڻن گڏ سندن ناپاڪيءَ جي وچ ۾ رهي ٿو.


۽ جيڪڏهن هو پاڪ مڪان ۾ ڪفارو ڪرڻ لاءِ اندر وڃي، تڏهن، جيسين هو پنهنجي لاءِ، ۽ پنهنجي خاندان جي لاءِ، ۽ اسرائيل جي ساري جماعت جي لاءِ، ڪفارو ڪري ٻاهر نہ اچي، تيسين ڪوبہ ماڻهو جماعت واري تنبوءَ ۾ نہ رهي.


۽ اهو انهي رت مان ڪجهہ جماعت واري تنبوءَ ۾ جيڪا قربانگاهہ آهي، تنهن جي سڱن تي خداوند جي حضور ۾ وجهي، ۽ باقي رت جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ، جيڪا سوختني قربانيءَ جي قربانگاهہ آهي، تنهن جي پاڙ ۾ هاري ڇڏي.


۽ ڪاهن انهيءَ گناهہ جي قربانيءَ جي رت مان، ڪجهہ پنهنجي آڱر سان کڻي، سوختني قربانيءَ واري قربانگاهہ جي سڱن تي لڳائي، ۽ انهي جو باقي رت سوختني قربانيءَ واري قربانگاهہ جي پاڙ ۾ هاري ڇڏي.


۽ ڪاهن انهي رت مان ڪجهہ جماعت واري تنبوءَ ۾ جيڪا خوشبوءِ دار لوبان جي قربانگاهہ آهي، تنهن جي سڱن تي خداوند جي حضور ۾ وجهي؛ ۽ وهڙي جو باقي سڀ رت، جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ جيڪا سوختني قربانيءَ جي قربانگاهہ آهي، تنهن جي پاڙ ۾ هاري ڇڏي.


۽ هڪڙو ٻڪر گناهہ جي قربانيءَ لاءِ بہ، تہ اوهان جي لاءِ ڪفارو ٿئي.


۽ انهن جي خاطر آئون پاڻ کي پاڪ ٿو ڪريان، تہ اهي پڻ سچ ۾ پاڪ ٿين.


هن ڪري جو جيڪو پاڪ ڪري ٿو ۽ جيڪي پاڪ ٿين ٿا، سي سڀ هڪ مان ئي آهن؛ انهيءَ سبب ڪري هو انهن کي ڀاءُ ڪري سڏڻ کان نٿو شرمائي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ