Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 16:17 - Sindhi Bible

17 ۽ جيڪڏهن هو پاڪ مڪان ۾ ڪفارو ڪرڻ لاءِ اندر وڃي، تڏهن، جيسين هو پنهنجي لاءِ، ۽ پنهنجي خاندان جي لاءِ، ۽ اسرائيل جي ساري جماعت جي لاءِ، ڪفارو ڪري ٻاهر نہ اچي، تيسين ڪوبہ ماڻهو جماعت واري تنبوءَ ۾ نہ رهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 جڏهن هارون ڪفارو ادا ڪرڻ جي لاءِ مقدس ترين جاءِ اندر وڃي، تڏهن جيستائين هو پنهنجي لاءِ، پنهنجي خاندان جي لاءِ ۽ بني اسرائيل جي سڄي قوم جي لاءِ ڪفارو ادا ڪري ٻاهر نہ اچي، تيستائين ڪوبہ ماڻهو مون خدا سان ملاقات واري خيمي جي اندر نہ هجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 16:17
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بن القانہ، بن يروحام، بن الي ايل، بن توح؛


۽ ڪوبہ ماڻهو تو سان گڏ مٿي نہ اچي، نڪي ڪوبہ ماڻهو ساري جبل تي ڏسڻ ۾ اچي، نڪي انهي جبل جي اڳيان ڍور ۽ ڌڻ چرن.


اسين سڀ رڍن وانگي گمراهہ ٿي ويا آهيون؛ اسان مان هرڪو پنهنجي پنهنجي رستي ڏانهن ڦري ويو آهي؛ پر خداوند اسان سڀني جو گناهہ هن جي مٿان رکيو آهي.


ستر هفتا تنهنجي قوم تي ۽ تنهنجي پاڪ شهر تي مقرر ٿيل آهن، جنهن عرصي ۾ گنهگاري پوري ٿيندي ۽ گناهہ موقوف ٿي ويندا، ۽ گناهہ جو ڪفارو ٿي ويندو، ۽ هميشہ لاءِ جٽاءُ ڪندڙ سچائي ايندي، ۽ رويا ۽ نبوت تي مهر ٿيندي، ۽ جيڪو سڀ کان پاڪ آهي تنهن کي مسح ڪيو ويندو.


۽ هو پاڪ مڪان جي لاءِ بني اسرائيل جي ناپاڪيءَ سبب، ۽ انهن جي قصورن سبب، يعني انهن جي سڀني گناهن جي سبب ڪفارو ڪري: ۽ ساڳيءَ طرح جماعت واري تنبوءَ جي لاءِ بہ ڪري، جو ساڻن گڏ سندن ناپاڪيءَ جي وچ ۾ رهي ٿو.


پوءِ هو ٻاهر نڪري، خداوند جي حضور ۾ جيڪا قربانگاهہ آهي، اتي اچي، ۽ انهيءَ جي لاءِ ڪفارو ڪري؛ ۽ وهڙي جي رت مان، ۽ ٻڪر جي رت مان ڪجهہ کڻي، قربانگاهہ جي سڱن تي چوڌاري لڳائي.


۽ ماڻهن جي سموري جماعت لوبان ساڙڻ جي مهل ٻاهر دعا پئي گهُري.


۽ ڪنهن بہ ٻئي کان نجات ڪانهي؛ ڇالاءِ جو آسمان جي هيٺان ماڻهن کي ٻيو ڪوبہ نالو ڏنل ڪونهي، جنهن جي ڪري اسان کي نجات ملي.


ڇالاءِ جو خدا هڪڙو آهي، ۽ خدا ۽ ماڻهن جو درمياني بہ هڪڙو ئي آهي، يعني مسيح يسوع، جو انسان آهي.


هو سندس جلال جو جلوو ۽ خود سندس ذات جو نقش ٿي، سڀني شين کي پنهنجي قدرت جي ڪلام سان سنڀالي ٿو، ۽ گناهن کي ڌوئي صاف ڪري، قادر مطلق جي ساڄي پاسي بالا عالم ۾ وڃي ويٺو؛


پر ٻئي حصي ۾ رڳو سردار ڪاهن سال ۾ فقط هڪڙو ڀيرو اڪيلو داخل ٿيندو آهي، ۽ پاڻ سان رت کڻي ويندو آهي، جو رت هو پنهنجي ۽ پنهنجيءَ اُمت جي خطائن لاءِ نذرانو ڪري ڏيندو آهي.


هو پاڻ اسان جا گناهہ پنهنجي بدن تي کڻي صليب تي چڙهيو، انهي لاءِ تہ اسين گناهن جي ڪري مري راستبازيءَ لاءِ جيون؛ هن جي مار کائڻ جي ڪري اوهان کي شفا ملي.


هن ڪري جو مسيح بہ هڪڙو ئي ڀيرو گناهن جي لاءِ ڏک سَٺو، يعني راستباز ناراستن لاءِ، تان تہ هو اسان کي خدا تائين پهچائي. هو جسماني طور مارجي ويو، پر روحاني طور جياريو ويو؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ