Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 16:15 - Sindhi Bible

15 تنهن کان پوءِ هو گناهہ جي قربانيءَ واري ٻڪر کي ذبح ڪري، جو اُمت جي واسطي آهي، ۽ انهي جو رت پردي جي اندر آڻي، ۽ انهي جي رت سان بہ ائين ئي ڪري، جيئن وهڙي جي رت سان ڪيو هئائين، يعني اهو رحمت جي پوش تي ۽ رحمت جي پوش جي اڳيان ڇاٽاري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

15 ان بعد هو پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ واري انهيءَ ٻڪر کي ذبح ڪري، جيڪو قوم جي واسطي آهي. انهيءَ جو رت کڻي پردي جي اندر مقدس ترين جاءِ ۾ اچي ۽ وهڙي جي رت وانگر انهيءَ جو رت بہ رحمت جي پوش جي اڳئين حصي تي ۽ صندوق جي اڳيان ڇٽڪاري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 16:15
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ چيائينس تہ تون پنهنجي ڀاءُ هارون کي چئُہ تہ پردي جي اندر پاڪ مڪان ۾ صندوق جي مٿان جيڪو رحمت جو پوش آهي، تنهن جي اڳيان هو هر وقت نہ اچي؛ تہ هو مري نہ پوي: ڇالاءِ جو آءٌ رحمت جي پوش تي ڪڪر ۾ ڏيکاري ڏيندس.


۽ اهو انهي وهڙي کي منزلگاهہ کان ٻاهر کڻي وڃي، ۽ جهڙي طرح پهرئين وهڙي کي ساڙيو هئائين، تهڙيءَ طرح هن کي بہ ساڙي ڇڏي: اها جماعت جي لاءِ گناهہ جي قرباني آهي.


۽ مسح ڪيل ڪاهن انهي وهڙي جي رت مان ڪجهہ کڻي جماعت واري تنبوءَ ۾ آڻي:


سو موسيٰ ائين ڪيو، يعني جيئن خداوند کيس فرمايو هو، تيئن ئي ڪيائين.


۽ هميشہ جي سوختني قربانيءَ ۽ انهيءَ سان گڏ پيئڻ واري قربانيءَ کان سواءِ، هڪڙو ٻڪر گناهہ جي قربانيءَ طور خداوند جي حضور ۾ پيش ڪرڻ گهرجي.


تنهنڪري واجب هو تہ هو سڀني ڳالهين ۾ پنهنجن ڀائرن جهڙو ٿئي؛ انهي لاءِ تہ اُمت جي گناهن جي ڪفاري ڏيڻ لاءِ، خدا سان واسطو رکندڙ ڳالهين ۾، هڪڙو رحمدل ۽ ايماندار سردار ڪاهن ٿئي.


انهي ڪري مٿس اهو فرض آهي تہ گناهن جي لاءِ جهڙي اُمت جي واسطي قرباني ڪري، تهڙي پنهنجي واسطي بہ ڪري.


اُها اُميد اسان جي جان جو اهڙو لنگر آهي، جو مضبوط ۽ قائم آهي، ۽ پردي جي اندر بہ پهچي ٿي؛


جنهن کي انهن سردار ڪاهنن وانگر اها ضرورت ڪانهي تہ هو روز پهرين پنهنجن گناهن لاءِ، ۽ پوءِ اُمت جي گناهن لاءِ قربانيون چاڙهي: ڇالاءِ جو ائين هن هڪڙي ئي ڀيري ڪيو، جڏهن پاڻ کي قرباني ڪري ڏنائين.


۽ هڪڙي ئي ڀيري هو پاڪ جاءِ ۾ ٻڪرين ۽ گابن جي رت جي وسيلي نہ، پر خود پنهنجي رت جي وسيلي اسان جي لاءِ ابدي نجات حاصل ڪري داخل ٿيو.


ڇالاءِ جو جيڪڏهن ٻڪرين ۽ ڏاندن جو رت، ۽ وهڙيءَ جي رک، ناپاڪن تي ڇٽڪارڻ ڪري جسم پاڪ ۽ صاف ٿي سگهي ٿو؛


۽ ٻئي پردي جي پٺيان اُهو حصو هو جنهن کي پاڪ ترين جاءِ چوندا آهن؛


پر ٻئي حصي ۾ رڳو سردار ڪاهن سال ۾ فقط هڪڙو ڀيرو اڪيلو داخل ٿيندو آهي، ۽ پاڻ سان رت کڻي ويندو آهي، جو رت هو پنهنجي ۽ پنهنجيءَ اُمت جي خطائن لاءِ نذرانو ڪري ڏيندو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ