Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 16:14 - Sindhi Bible

14 پوءِ هو انهي وهڙي جي رت مان ڪجهہ کڻي، پنهنجيءَ آڱر سان رحمت جي پوش تي اڀرندي پاسي ڇاٽاري؛ ۽ اهو رت پنهنجيءَ آڱر سان رحمت جي پوش جي اڳيان ست ڀيرا ڇاٽاري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 پوءِ هارون انهيءَ وهڙي جي رت مان ڪجھہ کڻي پنهنجيءَ آڱر سان رحمت جي پوش جي اڳئين حصي تي اوڀر طرف ڇٽڪاري ۽ اتي عهد واري صندوق جي اڳيان بہ ست دفعا ڇٽڪاري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 16:14
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ انهي رت مان ڪجهہ پنهنجيءَ آڱر سان ست ڀيرا انهيءَ تي ڇاٽاري، ۽ انهيءَ کي پاڪ ڪري، يعني بني اسرائيلين جي ناپاڪين کان پاڪ ڪري.


۽ ڪاهن پنهنجي آڱر انهي رت ۾ ٻوڙي، ۽ اهو پاڪ مڪان واري پردي جي اڳيان، خداوند جي حضور ۾ ست ڀيرا ڇاٽاري.


۽ انهي مان ڪجهہ ست ڀيرا قربانگاهہ تي ڇاٽاريائين، ۽ قربانگاهہ ۽ انهيءَ جي سڀني ٿانون کي، ۽ حوض ۽ انهي جي صندليءَ کي، مسح ڪيائين تہ پاڪ ٿين.


۽ اليعزر ڪاهن هن جو رت پنهنجيءَ آڱر تي کڻي جماعت واري تنبوءَ جي سامهون واري پاسي ست ڀيرا ڇاٽاري.


تنهنڪري، اي ڀائرو، جڏهن اسان کي يسوع جي رت جي وسيلي اُنهيءَ پاڪ جاءِ ۾ داخل ٿيڻ جي همت ٿي آهي،


ڇالاءِ جو اهو ناممڪن آهي تہ ڏاندن ۽ ٻڪرن جو رت گناهہ مٽائي ڇڏي.


۽ نئين عهد جي درميانيءَ يسوع وٽ، ۽ اُنهي ڇڻڪيل رت وٽ، جو هابل جي رت کان چڱيون ڳالهيون ٿو ڪري.


ڇالاءِ جو جيڪڏهن ٻڪرين ۽ ڏاندن جو رت، ۽ وهڙيءَ جي رک، ناپاڪن تي ڇٽڪارڻ ڪري جسم پاڪ ۽ صاف ٿي سگهي ٿو؛


تنهن کانسواءِ هن تنبو ۽ عبادت جي سڀني ٿانوَن تي بہ ساڳيءَ طرح رت ڇٽڪاريو.


نہ انهي لاءِ تہ هو وري وري پاڻ کي قربان ڪري؛ جيئن ڪ سردار ڪاهن هر سال پاڪ جاءِ ۾، پنهنجو نہ پر ٻئي جو رت کڻي ٿو وڃي؛


پر ٻئي حصي ۾ رڳو سردار ڪاهن سال ۾ فقط هڪڙو ڀيرو اڪيلو داخل ٿيندو آهي، ۽ پاڻ سان رت کڻي ويندو آهي، جو رت هو پنهنجي ۽ پنهنجيءَ اُمت جي خطائن لاءِ نذرانو ڪري ڏيندو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ