Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 16:13 - Sindhi Bible

13 پوءِ هو اهو لوبان خداوند جي حضور ۾ ٽانڊن تي وجهي، تہ لوبان جو دونهون شاهديءَ تي رکيل رحمت جي پوش کي ڍڪي ڇڏي، تہ هو مري نہ پوي:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 تڏهن هو اهو لوبان اتي مون خداوند جي حضور ۾ ٽانڊن تي وجھي، ايتري قدر جو لوبان جو دونهون عهد واري صندوق تي رکيل رحمت جي پوش کي ڍڪي ڇڏي، انهيءَ لاءِ تہ هو مري نہ پوي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 16:13
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ تون اُهو رحمت جو پوش صندوق جي مٿان رکج، ۽ جيڪو عهدنامو آءٌ توکي ڏيان، سو انهيءَ صندوق ۾ رکج.


۽ جڏهن هارون ۽ سندس پٽ جماعت واري تنبوءَ ۾ وڃن، يا پاڪ مڪان ۾ عبادت ڪرڻ لاءِ قربانگاهہ جي ويجهو وڃن، تڏهن اهي سندن بت تي هجن، تہ متان اهي ڏوهاري ٺهرجن ۽ مري پون: اهو قانون هن جي لاءِ، ۽ کانئس پوءِ سندس اولاد جي لاءِ، هميشہ تائين قائم رهي.


۽ تون لوبان ساڙڻ جي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ جوڙج؛ تون اها ٻٻر جي ڪاٺ جي جوڙج.


تنهنڪري هو منهنجو حڪم ياد رکن، متان هو انهي جي ڪري گنهگار ٿين، ۽ انهي جي بي حرمتي ڪرڻ ڪري مري پون: آءٌ خداوند آهيان، جو کين پاڪ ٿو ڪريان.


ان موجب هر ڪنهن ماڻهوءَ پنهنجو پنهنجو واسوڙو کنيو، ۽ ان تي ٽانڊا رکي، مٿن لوبان وجهي، موسيٰ ۽ هارون سان گڏ جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ اچي بيٺو.


۽ موسيٰ هارون کي چيو تہ تون پنهنجو واسوڙو کڻ، ۽ قربانگاهہ مان ٽانڊا ڪڍي انهي تي رک، ۽ انهي تي لوبان وجهہ، ۽ جلد اهو کڻي جماعت ڏانهن وڃ ۽ انهن جي لاءِ ڪفارو ڪر؛ ڇالاءِ جو خداوند جو غضب نازل ٿيو آهي، ۽ طاعون شروع ٿيو آهي.


۽ سڀاڻي خداوند جي حضور ۾ انهن تي ٽانڊا رکي مٿن لوبان وجهو: پوءِ هيئن ٿيندو تہ جنهن ماڻهوءَ کي خداوند پسند ڪندو، سو پاڪ ٿيندو: اي لاويءَ جا گهراڻا اوهين ڏاڍي زوراوري ٿا ڪريو.


۽ جڏهن هارون ۽ سندس پٽ، پاڪ مڪان ۽ انهي جي سامان کي ڍڪي بس ڪن، ۽ ڪوچ ڪرڻ جو وقت اچي، تڏهن قهات جا پٽ انهي جي کڻڻ لاءِ اچن: پر هو پاڪ مڪان کي نہ ڇهن متان مري پون. جماعت واري تنبوءَ مان اهي شيون قهات جي پٽن کي کڻڻيون آهن.


پر هو پاڪ مڪان ڏسڻ واسطي هڪڙي لحظي لاءِ بہ اندر نہ وڃن، متان هو مري پون.


اهي يعقوب کي تنهنجا فيصلا، ۽ اسرائيل کي تنهنجي شريعت سيکاريندا، اهي تنهنجي حضور ۾ لوبان ساڙيندا، ۽ تنهنجيءَ قربانگاهہ تي پوري قرباني چاڙهيندا.


تنهنڪري جيڪي سندس وسيلي خدا کي ويجهو ٿا وڃن، تن کي هو پوري پوري طرح بچائي ٿو سگهي، ڇو جو هو سندن شفاعت لاءِ هميشہ جيئرو آهي.


ڇالاءِ جو مسيح انهي هٿ جي جوڙيل پاڪ جاءِ ۾ داخل نہ ٿيو، جا حقيقي پاڪ جاءِ جي نموني جهڙي آهي؛ پر خود آسمان ۾ داخل ٿيو، انهي لاءِ تہ هاڻي خدا جي حضور ۾ اسان جي واسطي حاضر ٿئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ