Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 16:12 - Sindhi Bible

12 پوءِ هو هڪڙو لوبان دان کڻي، انهي کي خداوند جي اڳيان قربانگاهہ تان باهہ جي ٽانڊن سان ڀري، ۽ خوشبودار لوبان ڪُٽي سنهو ڪري، ۽ انهي سان پنهنجون مٺيون ڀري پردي جي اندر آڻي:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 تڏهن هو هڪڙو لوبان‌دان کڻي، انهيءَ کي ان باهہ جي ٽانڊن سان ڀري جيڪا مون خداوند جي آڏو لوبان ساڙڻ لاءِ قربان‌گاهہ تي ٻري ٿي. پوءِ هو پنهنجو ٻڪ سنهي ڪٽيل خوشبودار لوبان سان ڀري کڻي ۽ اهي ٻيئي کڻي پردي جي اندر مقدس ترين جاءِ ۾ اچي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 16:12
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ مسح ڪرڻ جو تيل، ۽ پاڪ مڪان لاءِ خوشبودار مصالحن جو لوبان: اهي سڀ، جيئن مون توکي حڪم ڏنو آهي تيئن هو تيار ڪن.


۽ هن عطارن جي هنر موجب، مسح ڪرڻ جو پاڪ تيل ۽ خوشبودار مصالحن جو لوبان جوڙيو.


۽ هارون جي پٽن ندب ۽ ابيهو پنهنجو پنهنجو لوبان دان کڻي، انهي تي ٽانڊا رکيا، ۽ انهن جي مٿان لوبان وڌائون، ۽ خداوند جي حضور ۾ اهڙي باهہ پيش ڪيائون، جنهن جو هن حڪم ڪونہ ڏنو هون.


ان موجب هر ڪنهن ماڻهوءَ پنهنجو پنهنجو واسوڙو کنيو، ۽ ان تي ٽانڊا رکي، مٿن لوبان وجهي، موسيٰ ۽ هارون سان گڏ جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ اچي بيٺو.


۽ موسيٰ هارون کي چيو تہ تون پنهنجو واسوڙو کڻ، ۽ قربانگاهہ مان ٽانڊا ڪڍي انهي تي رک، ۽ انهي تي لوبان وجهہ، ۽ جلد اهو کڻي جماعت ڏانهن وڃ ۽ انهن جي لاءِ ڪفارو ڪر؛ ڇالاءِ جو خداوند جو غضب نازل ٿيو آهي، ۽ طاعون شروع ٿيو آهي.


اهي يعقوب کي تنهنجا فيصلا، ۽ اسرائيل کي تنهنجي شريعت سيکاريندا، اهي تنهنجي حضور ۾ لوبان ساڙيندا، ۽ تنهنجيءَ قربانگاهہ تي پوري قرباني چاڙهيندا.


تہ مسيح، جنهن ابدي روح جي وسيلي پاڻ کي خدا جي اڳيان بي عيب قرباني ڪري ڏنو، تنهن جو رت ڪيترو نہ وڌيڪ مُردار ڪمن کان اوهان جي دلين کي پاڪ ڪندو تہ زندہ خدا جي عبادت ڪريو.


پر ٻئي حصي ۾ رڳو سردار ڪاهن سال ۾ فقط هڪڙو ڀيرو اڪيلو داخل ٿيندو آهي، ۽ پاڻ سان رت کڻي ويندو آهي، جو رت هو پنهنجي ۽ پنهنجيءَ اُمت جي خطائن لاءِ نذرانو ڪري ڏيندو آهي.


پر جي اسين روشنيءَ ۾ هلون، جيئن ڪ پاڻ روشنيءَ ۾ آهي، تہ اسان جي پاڻ ۾ شراڪت آهي، ۽ سندس فرزند يسوع جو رت اسان کي سموري گناهہ کان صاف ٿو ڪري.


۽ انهيءَ ملائڪ اُهو خوشبودان کڻي، انهي کي قربانگاهہ جي باهہ سان ڀري، زمين تي اُڇلائي وڌو؛ ۽ پوءِ گجگوڙيون، ۽ آواز، ۽ کنوڻيون ٿيڻ لڳيون، ۽ زلزلو آيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ