Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 16:10 - Sindhi Bible

10 پر جنهن ٻڪر تي عزازيل جي لاءِ پُکو پوي، تنهن کي ڪفاري جي لاءِ جيئرو ئي خداوند جي حضور ۾ حاضر ڪيو وڃي، ۽ پوءِ عزازيل جي لاءِ بيابان ۾ ڇڏيو وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 پر جنهن ٻڪر لاءِ ڇڏي ڏيڻ جو پُکو نڪري، تنهن کي ڪفاري جي لاءِ جيئرو ئي مون خداوند جي حضور ۾ پيش ڪيو وڃي ۽ پوءِ انهيءَ کي ڇڏي ڏيڻ جي لاءِ بيابان ۾ هڪليو وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 16:10
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ جيڪو ماڻهو ڪوڙهہ کان پاڪ ٿيڻو هجي، تنهن تي ست ڀيرا ڇاٽاري، ۽ انهي کي پاڪ ٺهرائي، پوءِ انهي جيئري پکيءَ کي کليل ميدان ۾ اُڏائي ڇڏي.


۽ هارون اُنهن ٻن ٻڪرن تي پُکا وجهي: هڪڙو پُکو خداوند جي لاءِ، ۽ ٻيو عزازيل جي لاءِ.


پوءِ جنهن ٻڪر تي خداوند جي لاءِ پُکو پوي، تنهن کي هارون آڻي حاضر ڪري، ۽ گناهہ جي قربانيءَ لاءِ پيش ڪري.


انهي (يسوع مسيح) کي خدا سندس رت جي ڪري، هڪڙو اهڙو ڪفارو ٺهرايو، جو ايمان آڻڻ ڪري فائدي وارو ٿئي؛ انهي لاءِ تہ جيڪي گناهہ اڳي ٿيا آهن، ۽ جن بابت خدا تحمل ڪري گذر ڪيو هو، تن بابت پنهنجي راستبازي ظاهر ڪري؛


جو اسانجن گناهن جي لاءِ (موت جي) حوالي ڪيو ويو ۽ اسان کي راستباز ٺهرائڻ لاءِ جياريو ويو.


جنهن کي گناهہ جي ڪابہ واقفيت ڪانہ هئي، تنهن کي هن اسان جي واسطي گناهہ ٺهرايو؛ انهي لاءِ تہ هن ۾ اسين خدا جي راستبازي ٿي پئون.


۽ اهو ئي اسانجن گناهن جو ڪفارو آهي؛ ۽ نہ رڳو اسانجن گناهن جو، پر ساري دنيا جي گناهن جو.


انهي مان اسان کي پيار جي خبر پيئي آهي، ڇالاءِ جو هن اسان جي لاءِ پنهنجي جان ڏني: ۽ اسان کي بہ پنهنجن ڀائرن لاءِ جان ڏيڻ گهرجي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ