9 ۽ جنهن بہ زين تي پرميل وارو ماڻهو چڙهندو، سا ناپاڪ ٿيندي.
9 سواريءَ دوران جنهن بہ شيءِ تي جريان وارو ويهي ٿو سا ناپاڪ ٿيندي.
هاڻي راخل اهي ٺاڪر کڻي، اُٺ جي ڪجاوي ۾ وجهي، انهن جي مٿان چڙهي ويٺي هئي، ۽ لابن سڄي تنبوءَ ۾ انهن جي ڳولا ڪئي، پر نہ لڌائين.
۽ جيڪو ڪنهن اهڙيءَ شيءِ کي ڇهندو، جا هن جي هيٺان هوندي، سو شام تائين ناپاڪ رهندو: ۽ جيڪو اهڙيون شيون کڻندو، سو پنهنجا ڪپڙا ڌوئندو، ۽ پاڻ پاڻيءَ ۾ وهنجندو، ۽ شام تائين ناپاڪ رهندو.
۽ جيڪڏهن پرميل وارو ماڻهو، ڪنهن پاڪ ماڻهو تي ٿُڪ اُڇلائيندو، تہ اهو ماڻهو پنهنجا ڪپڙا ڌوئندو، ۽ پاڻ پاڻيءَ ۾ وهنجندو، ۽ شام تائين ناپاڪ رهندو.