۽ ستين ڏينهن ڪاهن انهي پت کي چڪاسي: ۽ ڏسو، جيڪڏهن پت کل تي پکڙيو نہ هجي ۽ اهو کل کان اونهو ڏسڻ ۾ نہ اچي، تہ پوءِ ڪاهن انهي کي پاڪ ٺهرائي: ۽ هو پنهنجا ڪپڙا ڌوئي پاڪ ٿئي.
۽ وري ستين ڏينهن ڪاهن هن کي چڪاسي؛ ۽ ڏسو، جيڪڏهن اهو مرض جو داغ ٿورو جهڪو ٿيو هجي، ۽ مرض کل تي پکڙيو نہ هجي، تہ پوءِ ڪاهن انهي ماڻهوءَ کي پاڪ ٺهرائي: اها ڏڍ آهي: ۽ هو پنهنجا ڪپڙا ڌوئي پاڪ ٿئي.
تڏهن اچو تہ اسين سچيءَ دل سان ۽ پوري ايمان سان دل جي الزام کان پاڪ ٿيڻ لاءِ پنهنجين دلين تي ڇڻڪار ڪري، ۽ پنهنجي بدن کي صاف پاڻيءَ سان ڌوئي، سندس ويجها وڃون.
تہ مسيح، جنهن ابدي روح جي وسيلي پاڻ کي خدا جي اڳيان بي عيب قرباني ڪري ڏنو، تنهن جو رت ڪيترو نہ وڌيڪ مُردار ڪمن کان اوهان جي دلين کي پاڪ ڪندو تہ زندہ خدا جي عبادت ڪريو.
نہ تہ جهان جي شروعات کان وٺي گهڻائي ڀيرا کيس ڏک سهڻو پوي ها: پر هاڻي زمانن جي پڇاڙيءَ ۾ هو هڪڙو ڀيرو ظاهر ٿيو، انهي لاءِ تہ پاڻ کي قربان ڪرڻ سان گناهہ مٽائي ڇڏي.