Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 15:27 - Sindhi Bible

27 ۽ جيڪو انهن شين کي ڇهندو، سو ناپاڪ ٿيندو، ۽ پنهنجا ڪپڙا ڌوئندو، ۽ پاڻ پاڻيءَ ۾ وهنجندو ۽ شام تائين ناپاڪ رهندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

27 جيڪو بہ انهن شين کي ڇهندو سو ناپاڪ ٿيندو. سو اهو پنهنجا ڪپڙا ڌوئي ۽ وهنجي. ان هوندي بہ شام تائين هو ناپاڪ رهندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 15:27
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ آءٌ اوهان تي صاف پاڻي ڇنڊيندس، ۽ اوهين پاڪ صاف ٿيندا: آءٌ اوهان کي هر قسم جي گندگي کان ۽ سڀني بُتن کان پاڪ ڪندس.


۽ آءٌ اوهان کي اوهانجين سڀني ناپاڪين کان بچائيندس: ۽ آءٌ اُن کي ڪوٺيندس ۽ انهي کي وڌائيندس، ۽ اوهان ۾ ڏڪار نہ وجهندس.


۽ جن شين جي ڪري اوهين ناپاڪ ٿيندا، سي هي آهن: جيڪو مڙهہ کي ڇهندو، سو شام تائين ناپاڪ رهندو؛


۽ جڏهن پرميل وارو ماڻهو، پرميل کان ڇٽي پاڪ ٿئي، تڏهن کان ست ڏينهن پنهنجي پاڪ ٿيڻ لاءِ ڳڻي، ۽ پنهنجا ڪپڙا ڌوئي؛ ۽ وهندڙ پاڻيءَ ۾ پنهنجو بت ڌوئي، تہ پوءِ هو پاڪ ٿيندو.


۽ جيڪو هن جي هنڌ کي ڇهندو، سو پنهنجا ڪپڙا ڌوئندو، ۽ پاڻ پاڻيءَ ۾ وهنجندو، ۽ شام تائين ناپاڪ رهندو.


انهن رت وهڻ وارن ڏينهن ۾ جنهن هنڌ تي هوءَ سمهندي، سو سندس معمولي ماهواريءَ جي ڏينهن وانگر ليکبو: ۽ جنهن شيءِ تي هوءَ ويهندي، سا سندس ماهواريءَ جي ناپاڪيءَ وانگر ناپاڪ ٿيندي.


۽ جڏهن هوءَ پنهنجي ماهواريءَ کان پاڪ ٿئي، تڏهن کان ست ڏينهن پنهنجي پاڪ ٿيڻ لاءِ ڳڻي، تنهن کان پوءِ هوءَ پاڪ ٿيندي.


انهيءَ ڏينهن دائود جي گهراڻي ۽ يروشلم جي رهاڪن لاءِ، گناهہ ۽ ناپاڪائيءَ جي ڌوئڻ لاءِ هڪڙو چشمو کُلندو.


۽ اهو ناپاڪ ماڻهو جنهن شيءِ کي ڇهندو سا شيءِ ناپاڪ ٿيندي؛ ۽ جيڪو ماڻهو انهيءَ شيءِ کي ڇهندو سو شام تائين ناپاڪ رهندو.


تڏهن اچو تہ اسين سچيءَ دل سان ۽ پوري ايمان سان دل جي الزام کان پاڪ ٿيڻ لاءِ پنهنجين دلين تي ڇڻڪار ڪري، ۽ پنهنجي بدن کي صاف پاڻيءَ سان ڌوئي، سندس ويجها وڃون.


تہ مسيح، جنهن ابدي روح جي وسيلي پاڻ کي خدا جي اڳيان بي عيب قرباني ڪري ڏنو، تنهن جو رت ڪيترو نہ وڌيڪ مُردار ڪمن کان اوهان جي دلين کي پاڪ ڪندو تہ زندہ خدا جي عبادت ڪريو.


پر جي اسين روشنيءَ ۾ هلون، جيئن ڪ پاڻ روشنيءَ ۾ آهي، تہ اسان جي پاڻ ۾ شراڪت آهي، ۽ سندس فرزند يسوع جو رت اسان کي سموري گناهہ کان صاف ٿو ڪري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ