22 ۽ جنهن شيءِ تي هوءَ ويٺي هجي، تنهن کي جيڪو ڇهندو، سو پنهنجا ڪپڙا ڌوئندو، ۽ پاڻ پاڻيءَ ۾ وهنجندو، ۽ شام تائين ناپاڪ رهندو.
۽ جن شين جي ڪري اوهين ناپاڪ ٿيندا، سي هي آهن: جيڪو مڙهہ کي ڇهندو، سو شام تائين ناپاڪ رهندو؛
۽ جيڪو هن جي هنڌ کي ڇهندو، سو پنهنجا ڪپڙا ڌوئندو، ۽ پاڻ پاڻيءَ ۾ وهنجندو، ۽ شام تائين ناپاڪ رهندو.
۽ جنهن وقت هوءَ ڪنهن هنڌ تي يا ڪنهن ٻيءَ شيءِ تي ويٺي هجي، تنهن وقت جيڪو انهيءَ شيءِ کي ڇهندو، سو شام تائين ناپاڪ رهندو.
۽ اهو ناپاڪ ماڻهو جنهن شيءِ کي ڇهندو سا شيءِ ناپاڪ ٿيندي؛ ۽ جيڪو ماڻهو انهيءَ شيءِ کي ڇهندو سو شام تائين ناپاڪ رهندو.