Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 15:13 - Sindhi Bible

13 ۽ جڏهن پرميل وارو ماڻهو، پرميل کان ڇٽي پاڪ ٿئي، تڏهن کان ست ڏينهن پنهنجي پاڪ ٿيڻ لاءِ ڳڻي، ۽ پنهنجا ڪپڙا ڌوئي؛ ۽ وهندڙ پاڻيءَ ۾ پنهنجو بت ڌوئي، تہ پوءِ هو پاڪ ٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 جڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي جريان واري بيماريءَ کان ڇٽي چڱو ڀلو ٿئي، تڏهن هو ستن ڏينهن تائين ترسي ۽ ستين ڏينهن پنهنجا ڪپڙا ڌوئي ۽ تازي پاڻيءَ ۾ وهنجي، پوءِ هو پاڪ ٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 15:13
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ جيئن مون توکي حڪم ڏنو آهي، تيئن تون هارون ۽ سندس پٽن سان ڪج. ستن ڏينهن تائين تون انهن کي مخصوص ڪج.


ستن ڏينهن تائين تون قربانگاهہ جي لاءِ ڪفارو ڪج، ۽ انهيءَ کي پاڪ ڪج، تہ قربانگاهہ تمام پاڪ ٿيندي؛ ۽ جيڪا شيءِ قربانگاهہ کي لڳندي سا پاڪ ٿيندي.


۽ آءٌ هنن کي سندن سموري بدڪاريءَ کان پاڪ ڪندس، جنهن جي ڪري هنن منهنجو گناهہ ڪيو آهي؛ ۽ آءٌ سندن سڀ گناهہ معاف ڪندس جن سان هنن منهنجي حڪم عدولي ڪئي آهي.


۽ اٺين ڏينهن هو ٻہ بي عيب گهيٽا، ۽ هڪڙي بي عيب يڪسالي گهيٽي، ۽ کاڌي جي قربانيءَ لاءِ هڪڙي ايفہ جي ڏهين حصي جي ٽيڻ جيترو تيل ۾ ڳوهيل ميدو، ۽ هڪڙو ماڻ تيل کڻي اچي.


۽ جيڪو پاڪ ٿيڻو آهي سو پنهنجا ڪپڙا ڌوئي، ۽ پنهنجا سڀ وار ڪوڙائي، ۽ پاڻيءَ ۾ وهنجي، تہ پوءِ هو پاڪ ٿيندو: تنهن کان پوءِ هو منزلگاهہ ۾ اچي، پر ستين ڏينهن تائين هو پنهنجي تنبوءَ کان ٻاهر رهي.


۽ جڏهن هوءَ پنهنجي ماهواريءَ کان پاڪ ٿئي، تڏهن کان ست ڏينهن پنهنجي پاڪ ٿيڻ لاءِ ڳڻي، تنهن کان پوءِ هوءَ پاڪ ٿيندي.


جيڪو هن جي هنڌ کي هٿ لائيندو، سو پنهنجا ڪپڙا ڌوئندو، ۽ پاڻ پاڻيءَ سان وهنجندو، ۽ شام تائين ناپاڪ رهندو.


۽ اوهين ستن ڏينهن تائين، جماعت واري تنبوءَ جي در کان ٻاهر نہ وڃجو، جيسين ڪ اوهان جي مخصوصيت جا ڏينهن پورا ٿين: ڇالاءِ جو ستن ڏينهن تائين هو اوهان کي مخصوص ڪندو.


۽ اٺين ڏينهن هيئن ٿيو، جو موسيٰ، هارون ۽ سندس پٽن کي، ۽ بني اسرائيل جي بزرگن کي پاڻ وٽ سڏيو؛


تڏهن خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ جيڪڏهن هن جو پيءُ رڳو هن جي منهن تي ٿُڪ اُڇلائي ها، تہ هيءَ ستن ڏينهن تائين شرمندي نہ رهي ها ڇا؟ سو هاڻي ستن ڏينهن تائين هوءَ منزلگاهہ کان ٻاهر رهي، پوءِ ڀلي اندر اچي.


تنهنڪري اي پيارو، جڏهن اسان سان اهڙا واعدا ڪيا ويا آهن، تڏهن اچو تہ اسين پاڻ کي هر طرح جي جسماني ۽ روحاني ناپاڪيءَ کان پاڪ ڪريون، ۽ خدا جو خوف رکي پاڪيزگيءَ ۾ ڪامل ٿيون.


خدا جي ويجهو وڃو تہ هو بہ اوهان جي ويجهو ايندو. اي گنهگارو، پنهنجا هٿ صاف ڪريو؛ ۽ اوهين جي ٻِہ چِتيا آهيو، سي پنهنجيون دليون پاڪ ڪريو.


۽ يسوع مسيح وٽان، جو سچو شاهد، ۽ جيڪي مُئلن مان جيئرا ٿيا تن ۾ پهريتو، ۽ زمين جي بادشاهن تي حڪم هلائيندڙ آهي. جو اسان کي پيار ٿو ڪري، ۽ جنهن پنهنجي رت سان اسان کي گناهن کان آزاد ڪيو؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ