Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 14:8 - Sindhi Bible

8 ۽ جيڪو پاڪ ٿيڻو آهي سو پنهنجا ڪپڙا ڌوئي، ۽ پنهنجا سڀ وار ڪوڙائي، ۽ پاڻيءَ ۾ وهنجي، تہ پوءِ هو پاڪ ٿيندو: تنهن کان پوءِ هو منزلگاهہ ۾ اچي، پر ستين ڏينهن تائين هو پنهنجي تنبوءَ کان ٻاهر رهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 ان کان علاوہ جيڪو ماڻهو پاڪ ٿيڻو آهي سو پنهنجا ڪپڙا ڌوئي ۽ سمورا وار ڪوڙائي وهنجي، تڏهن هو پاڪ ٿيندو. انهيءَ کان پوءِ هو خيمي‌گاهہ ۾ اچي، پر ستن ڏينهن تائين هو پنهنجي خيمي کان ٻاهر رهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 14:8
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ عزياہ بادشاهہ مرڻ گهڙيءَ تائين ڪوڙهيو هو، ۽ ڪوڙهي هئڻ سبب ڌار گهر ۾ رهندو هو؛ ڇالاءِ جو هو خداوند جي گهر کان وڍجي ويو: ۽ سندس پٽ يوتام بادشاهہ جي گهر مٿان نظر ڪندو هو، ۽ ملڪ جي ماڻهن جي عدالت ڪندو هو.


پوءِ خداوند موسيٰ کي چيو تہ ماڻهن وٽ وڃي اڄ ۽ سڀاڻي انهن کي مخصوص ڪر، ۽ هو پنهنجا ڪپڙا ڌوئي صاف ڪن،


پوءِ موسيٰ جبل تان لهي ماڻهن وٽ آيو، ۽ ماڻهن کي مخصوص ڪيائين، ۽ هنن پنهنجا ڪپڙا ڌوتا.


۽ جيڪو مڙهہ جي ڪا شيءِ کڻندو، سو پنهنجا ڪپڙا ڌوئندو، ۽ شام تائين ناپاڪ رهندو.


۽ ڪاهن اُها سوختني قرباني ۽ کاڌي جي قرباني، قربانگاهہ تي پيش ڪري: ۽ ڪاهن هن جي لاءِ ڪفارو ڪري، پوءِ هو پاڪ ٿيندو.


۽ ستين ڏينهن هو پنهنجي مٿي جا سڀ وار، ۽ پنهنجي ڏاڙهي ۽ ڀرون ڪوڙائي، مطلب تہ پنهنجا سڀ وار ڪوڙائي: ۽ پنهنجا ڪپڙا ڌوئي، ۽ پاڻيءَ ۾ وهنجي، تہ پوءِ هو پاڪ ٿيندو.


۽ جڏهن پرميل وارو ماڻهو، پرميل کان ڇٽي پاڪ ٿئي، تڏهن کان ست ڏينهن پنهنجي پاڪ ٿيڻ لاءِ ڳڻي، ۽ پنهنجا ڪپڙا ڌوئي؛ ۽ وهندڙ پاڻيءَ ۾ پنهنجو بت ڌوئي، تہ پوءِ هو پاڪ ٿيندو.


پوءِ موسيٰ هارون ۽ سندس پٽن کي وٺي آيو، ۽ پاڻيءَ سان وهنجاريائين.


۽ جيڪڏهن انهي جي ڀر سان ڪو ماڻهو اوچتو مري پوي، ۽ سندس مڃتا وارو مٿو ناپاڪ ٿي پوي، تہ هو پنهنجي پاڪ ٿيڻ واري ڏينهن پنهنجو مٿو ڪوڙائي، يعني ستين ڏينهن اُهو ڪوڙائي.


۽ انهن کي مخصوص ڪرڻ لاءِ هيئن ڪر: يعني پاڪ ڪرڻ وارو پاڻي انهن تي ڇاٽار، ۽ هو پنهنجي سڄي بدن تي پاڪي گهمائين، ۽ پنهنجا ڪپڙا ڌوئي پاڻ کي پاڪ ڪن.


تہ تون انهي کي پنهنجي گهر وٺي اچج؛ ۽ هوءَ پنهنجو مٿو ڪوڙائي، ۽ پنهنجا ننهن لهرائي؛


انهي جو سچو نمونو، يعني بپتسما، جنهن جي مراد اها نہ آهي تہ بدن جو مير صاف ڪري پر خالص نيت سان خدا جو طالب ٿئي، سا هاڻي بہ يسوع مسيح جي جيئري ٿيڻ جي وسيلي اوهان کي بچائي ٿي.


۽ مون هن کي چيو تہ اي منهنجا سائين، تون ئي ٿو ڄاڻين. ۽ هن مون کي چيو تہ هي اُهي آهن، جي انهيءَ وڏيءَ مصيبت مان نڪري آيا آهن، ۽ انهن پنهنجا ڪپڙا ڌوتا ۽ گهيٽي جي رت ۾ اڇا ڪيا آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ