Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 14:54 - Sindhi Bible

54 اهو آهي قاعدو هر ڪنهن قسم جي ڪوڙهہ جي مرض، ۽ پت جي لاءِ؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

54 اهو ئي قاعدو آهي هر قسم جي چمڙيءَ جي وچڙندڙ مرض ۽ خراب قسم جي مَلي جي لاءِ،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 14:54
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اهو آهي قاعدو جو جانورن، ۽ پکين، ۽ پاڻيءَ ۾ رهندڙ سڀني ساهوارن، ۽ زمين تي سرندڙ سڀني جيتن بابت آهي:


۽ اهو ڪاهن هن جي بت جي کل تي ٿيل مرض کي چڪاسي: ۽ جيڪڏهن انهي مرض واري هنڌ جا وار اڇا ٿي ويا هجن، ۽ جيڪڏهن اهو مرض هن جي بت جي کل کان اونهو ڏسڻ ۾ اچي، تہ اهو ڪوڙهہ جو مرض آهي: ۽ ڪاهن انهي کي ڏسي کيس ناپاڪ ٺهرائي.


جنهن ڏينهن ڪوڙهيو پاڪ ٿئي، تنهن ڏينهن سندس لاءِ هي قاعدو آهي، تہ هو ڪاهن وٽ آندو وڃي:


اهو آهي انهي ماڻهو جي لاءِ قاعدو، جنهن کي ڪوڙهہ جو مرض ٿيو هجي، ۽ جنهن کي پاڪ ٿيڻ وقت گهربل شين جي وسعت نہ هجي.


پوءِ هو جيئري پکيءَ کي شهر کان ٻاهر کليل ميدان ۾ اُڏائي ڇڏي؛ انهيءَ طرح هو گهر جي لاءِ ڪفارو ڪري: تہ اهو گهر پاڪ ٿيندو.


هي قاعدو انهي مرد جي واسطي آهي، جنهن کي پرميل جو مرض هجي، يا جنهن کي احتلام هجي؛


۽ کاڌي جي قربانيءَ جو قاعدو هن ريت آهي: هارون جا پٽ اها قربانگاهہ جي سامهون خداوند جي حضور ۾ پيش ڪن.


هارون ۽ سندس پٽن سان گفتگو ڪري کين چئُہ تہ گناهہ جي قربانيءَ جو قاعدو هن ريت آهي: تہ جنهن هنڌ سوختني قرباني ذبح ڪبي آهي، انهيءَ هنڌ گناهہ جي قرباني بہ، خداوند جي حضور ۾، ذبح ڪئي وڃي: اها تمام پاڪ آهي.


هارون ۽ سندس پٽن کي حڪم ڪري چئُہ تہ سوختني قربانيءَ جو قاعدو هن ريت آهي: يعني تہ سوختني قرباني، ساري رات ويندي صبح تائين قربانگاهہ تي آتشدان جي مٿان رکي رهي؛ ۽ قربانگاهہ جي باهہ ان ۾ ٻرندي رهي.


۽ خطا جي قرباني جو قاعدو هن ريت آهي: اها تمام پاڪ آهي.


اهو آهي سوختني قربانيءَ، ۽ کاڌي جي قربانيءَ، ۽ گناهہ جي قربانيءَ، ۽ خطا جي قربانيءَ، مخصوصيت، ۽ سلامتيءَ جي قربانيءَ جو قاعدو؛


جيڪڏهن ڪنهن تنبوءَ ۾ ڪو ماڻهو مري تہ انهي جي واسطي هي قاعدو آهي: جيڪو بہ ماڻهو انهي تنبوءَ ۾ هجي، ۽ جيڪو بہ انهي تنبوءَ ۾ اچي، سو ست ڏينهن ناپاڪ رهندو.


سو جڏهن ڪا مڙس واري زال گمراهہ ٿي ناپاڪ ٿئي تہ انهيءَ جي لاءِ اهو غيرت جو قانون آهي.


جڏهن ڇِلي وارا ڏينهن پورا ٿين، تڏهن نذير جي لاءِ هي قانون آهي: يعني هو جماعت واري تنبوءَ جي در تي حاضر ڪيو وڃي:


تون ڪوڙهہ جي بيماريءَ کان سنڀاليندو رهج، ۽ جيڪي لاوي ڪاهن اوهان کي سيکارين، انهي موجب خبرداريءَ سان عمل ڪج: جيئن مون انهن کي حڪم ڏنو آهي، تيئن اوهين خبرداريءَ سان ڪندا رهجو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ