Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 14:46 - Sindhi Bible

46 انهي کان سواءِ جيڪو ماڻهو انهي گهر جي بند هئڻ واري عرصي ۾ انهي ۾ ويندو، سو شام تائين ناپاڪ رهندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

46 انهيءَ کان سواءِ جيڪو ماڻهو انهيءَ گھر جي بند هئڻ واري عرصي ۾ انهيءَ ۾ داخل ٿيو هجي، تہ اهو شام تائين ناپاڪ رهندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 14:46
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ جيڪي جانور چئن پيرن تي هلن ٿا، تن سڀني مان جيڪي پنهنجن چنبن تي ٿا هلن، سي اوهان جي لاءِ حرام آهن: جيڪو انهن جي مڙهہ کي ڇهندو سو شام تائين ناپاڪ رهندو.


۽ جيڪو انهن جي مڙهہ کي کڻندو، سو پنهنجا ڪپڙا ڌوئندو، ۽ اُهو شام تائين ناپاڪ رهندو: اهي اوهان جي لاءِ حرام آهن.


سرندڙ جيتن مان اهي اوهان جي لاءِ ناپاڪ آهن: جيڪو انهن جي مڙهہ کي ڇهندو، سو شام تائين ناپاڪ رهندو:


۽ اهي مرڻ کان پوءِ جنهن شيءِ تي ڪرندا، سا ناپاڪ ٿيندي: پوءِ کڻي اهو ڪاٺ جو ٿانو هجي، يا ڪپڙو هجي، يا کل هجي، يا ٻورو هجي، مطلب تہ ڪنهن بہ ڪم ۾ ايندڙ ڪهڙو بہ ٿانو هجي، تہ انهي کي پاڻيءَ ۾ وجهڻ گهرجي، ۽ اهو شام تائين ناپاڪ رهندو؛ ۽ پوءِ پاڪ ٿيندو.


۽ جيڪي جانور اوهان جي لاءِ حلال آهن، تن مان جيڪڏهن ڪو مري پوي؛ تہ جيڪو انهي جي مڙهہ کي ڇهندو سو شام تائين ناپاڪ رهندو.


۽ جيڪو انهي جو مردار کائيندو، سو پنهنجا ڪپڙا ڌوئندو ۽ شام تائين ناپاڪ رهندو: ۽ جيڪو انهي جي مڙهہ مان ڪجهہ کڻندو سو بہ پنهنجا ڪپڙا ڌوئندو، ۽ شام تائين ناپاڪ رهندو.


۽ جيڪو انهي گهر ۾ سمهندو، سو پنهنجا ڪپڙا ڌوئندو؛ ۽ جيڪو انهي گهر ۾ کائيندو؛ سو بہ پنهنجا ڪپڙا ڌوئندو.


۽ جيڪو ڪنهن اهڙيءَ شيءِ کي ڇهندو، جا هن جي هيٺان هوندي، سو شام تائين ناپاڪ رهندو: ۽ جيڪو اهڙيون شيون کڻندو، سو پنهنجا ڪپڙا ڌوئندو، ۽ پاڻ پاڻيءَ ۾ وهنجندو، ۽ شام تائين ناپاڪ رهندو.


۽ جيڪو ساهوارو پاڻيهي مري، يا جنهن کي جهنگلي جانور ڦاڙين، تنهن کي جيڪو کائيندو، پوءِ اهو ماڻهو اوهان جي ملڪ جو هوندو، يا پرديسي هوندو، تہ اهو پنهنجا ڪپڙا ڌوئندو، ۽ پاڻ پاڻيءَ ۾ وهنجندو، ۽ شام تائين ناپاڪ رهندو: تنهن کان پوءِ هو پاڪ ٿيندو.


تہ اهو ماڻهو جو اهڙي ڪنهن بہ شيءِ کي ڇهندو، سو شام تائين ناپاڪ رهندو، ۽ جيسين هو پاڻيءَ ۾ نہ وهنجي، تيسين پاڪ شيون نہ کائي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ