Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 14:45 - Sindhi Bible

45 ۽ هو انهي گهر کي ڀڃي ڊهرائي ڇڏي، ۽ هو انهي جا پهڻ، ۽ انهي جي مٽي، شهر کان ٻاهر ڪنهن ناپاڪ هنڌ تي اُڇلائي ڇڏي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

45 اهو گھر ڀڃي ڊاٺو وڃي ۽ انهيءَ جا پٿر، ڪاٺ ۽ مٽي شهر کان ٻاهر ڪنهن ناپاڪ جاءِ تي اڇلايا وڃن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 14:45
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هنن بعل جو ٿنڀ ڀڃي ڇڏيو، ۽ بعل جو گهر بہ ڊاهي ڇڏيائون، ۽ انهيءَ کي ڪاڪوس خانو بنايائون، جو اڄ ڏينهن تائين آهي.


هن مٿانهيون جايون ڪڍي ڇڏيون ۽ ٿنڀ ڀڃائي ۽ يسيرت وڍائي ڇڏيا: ۽ جيڪو پتل جو نانگ موسيٰ جوڙيو هو، سو هن ڀڃائي پرزا پرزا ڪري ڇڏيو؛ ڇالاءِ جو انهن ڏينهن تائين بني اسرائيل انهيءَ لاءِ لوبان ساڙيندا هئا؛ ۽ هن انهيءَ جو نالو نحشتان رکيو.


۽ انهيءَ خداوند جو گهر ۽ بادشاهہ جو گهر ساڙيو؛ ۽ يروشلم جا سڀ گهر، بلڪ سڀڪو وڏو گهر، هن باهہ سان ساڙيو.


۽ انهن مان وري ڪي کڻي باهہ جي وچ ۾ اُڇلائي وجهہ، ۽ اُهي باهہ ۾ ساڙي ڇڏ؛ انهن مان هڪڙي باهہ نڪرندي، جا اسرائيل جي سڄي گهراڻي کي لڳي ويندي.


پوءِ هو گهر کي اندران چوڌاري کرڙائي، ۽ جيڪا مٽي کرڙي ڪڍن سا شهر کان ٻاهر ڪنهن ناپاڪ هنڌ اُڇلائي ڇڏين:


انهي کان سواءِ جيڪو ماڻهو انهي گهر جي بند هئڻ واري عرصي ۾ انهي ۾ ويندو، سو شام تائين ناپاڪ رهندو.


تنهن تي بادشاهہ کي ڪاوڙ لڳي، ۽ هن پنهنجا نوڪر موڪلي انهن خونين کي برباد ڪيو، ۽ انهن جو شهر ساڙائي ڇڏيائين.


پر هن ورندي ڏيئي چين تہ هي سڀ شيون اوهين ڏسو ٿا؟ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ هتي پهڻ پهڻ تي نہ رهندو جو ڊاٺو نہ ويندو.


پر جيڪو اڱڻ پاڪ جاءِ جي ٻاهر آهي سو ڇڏي ڏي؛ اُن جي ماپ نہ ڪر، ڇالاءِ جو اهو غير قومن کي ڏنو ويو آهي، ۽ هو پاڪ شهر کي ٻائيتاليهن مهينن تائين پيا لتاڙيندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ