Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 14:32 - Sindhi Bible

32 اهو آهي انهي ماڻهو جي لاءِ قاعدو، جنهن کي ڪوڙهہ جو مرض ٿيو هجي، ۽ جنهن کي پاڪ ٿيڻ وقت گهربل شين جي وسعت نہ هجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

32 اهو ئي قاعدو آهي انهيءَ ماڻهوءَ جي لاءِ جنهن کي چمڙيءَ جو وچڙندڙ مرض لڳو هجي ۽ جنهن کي پاڪ ٿيڻ لاءِ گھربل شين جي آڻڻ جي طاقت نہ هجي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 14:32
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جنهن اسان جي ڏک ۾ اسان جي سار لڌي: ڇو جو هن جو رحم هميشہ تائين آهي:


جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جي بت جي کل تي سوڄ يا ڏڍ يا ڪو چمڪندڙ داغ ٿئي، ۽ اُهو سندس بت جي کل تي ڪوڙهہ جو مرض ٿي پوي، تہ انهي کي هارون ڪاهن وٽ يا سندس پٽن، جي ڪاهن آهن، تن مان هڪڙي وٽ آندو وڃي:


اهو آهي قاعدو ڪوڙهہ جي مرض بابت، جو پشم، يا سڻيءَ جي ڪپڙي تي، تاڃيءَ ۾ هجي توڙي پيٽي ۾، يا چم جي ڪنهن شيءِ تي هجي، تہ انهيءَ کي پاڪ ٺهرائجي يا ناپاڪ.


۽ اٺين ڏينهن هو ٻہ بي عيب گهيٽا، ۽ هڪڙي بي عيب يڪسالي گهيٽي، ۽ کاڌي جي قربانيءَ لاءِ هڪڙي ايفہ جي ڏهين حصي جي ٽيڻ جيترو تيل ۾ ڳوهيل ميدو، ۽ هڪڙو ماڻ تيل کڻي اچي.


جنهن ڏينهن ڪوڙهيو پاڪ ٿئي، تنهن ڏينهن سندس لاءِ هي قاعدو آهي، تہ هو ڪاهن وٽ آندو وڃي:


۽ جيڪڏهن هو غريب هجي ۽ ايترو آڻي نہ سگهي، تہ خطا جي قربانيءَ لاءِ لوڏڻ واسطي هڪڙو گهيٽو آڻي، تہ هن جي لاءِ ڪفارو ڪيو وڃي، ۽ کاڌي جي قربانيءَ لاءِ هڪڙي ايفہ جي ڏهين حصي جيترو تيل ۾ ڳوهيل ميدو، ۽ هڪڙو ماڻ تيل جو؛


يعني جيڪي آڻي سگهيو هجي؛ تن مان هڪڙو گناهہ جي قربانيءَ لاءِ، ۽ ٻيو سوختني قربانيءَ لاءِ، کاڌي جي قربانيءَ سميت پيش ڪري: ۽ ڪاهن پاڪ ٿيڻ واري ماڻهوءَ جي لاءِ خداوند جي حضور ۾ ڪفارو ڪري.


۽ خداوند موسيٰ ۽ هارون کي فرمايو ۽ چيائين تہ


تہ انڌا ڏسي ٿا سگهن، منڊا هلن ٿا، ڪوڙهيا ڇُٽي صاف ٿا ٿين، ٻوڙا ٻُڌن ٿا، مئل جي ٿا اُٿن، ۽ غريبن کي خوشخبري ٿي ٻڌائجي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ