Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 14:31 - Sindhi Bible

31 يعني جيڪي آڻي سگهيو هجي؛ تن مان هڪڙو گناهہ جي قربانيءَ لاءِ، ۽ ٻيو سوختني قربانيءَ لاءِ، کاڌي جي قربانيءَ سميت پيش ڪري: ۽ ڪاهن پاڪ ٿيڻ واري ماڻهوءَ جي لاءِ خداوند جي حضور ۾ ڪفارو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

31 تن مان هڪڙو پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ ۽ ٻيو ساڙڻ واري قربانيءَ لاءِ، اناج جي قربانيءَ سميت پيش ڪري. اهڙيءَ طرح ڪاهن پاڪ ٿيڻ واري ماڻهوءَ جي لاءِ مون خداوند جي حضور ۾ ڪفارو ادا ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 14:31
5 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ باقي جيڪو تيل ڪاهن جي تريءَ تي هجي، سو هو پاڪ ٿيڻ واري ماڻهوءَ جي مٿي تي وجهي: ۽ ڪاهن هن جي لاءِ خداوند جي حضور ۾ ڪفارو ڪري.


پوءِ هو ڳيرن يا ڪبوتر جي ٻچن مان جيڪي بہ آڻي سگهيو هجي، تن مان هڪڙو پيش ڪري،


اهو آهي انهي ماڻهو جي لاءِ قاعدو، جنهن کي ڪوڙهہ جو مرض ٿيو هجي، ۽ جنهن کي پاڪ ٿيڻ وقت گهربل شين جي وسعت نہ هجي.


۽ ڪاهن انهن مان هڪڙو گناهہ جي قربانيءَ لاءِ ۽ ٻيو سوختني قربانيءَ لاءِ پيش ڪري: ۽ ڪاهن هن جي واسطي سندس پرميل جي مرض لاءِ خداوند جي اڳيان ڪفارو ڪري.


۽ جيڪڏهن هن کي گهيٽي يا ٻڪريءَ جي وسعت نہ هجي، تہ هو پنهنجي گناهہ جي لاءِ خداوند جي حضور ۾ ٻہ ڳيرا، يا ڪبوتر جا ٻہ ٻچا، گناهہ جي قربانيءَ طور آڻي؛ هڪڙو گناهہ جي قربانيءَ لاءِ، ۽ ٻيو سوختني قربانيءَ لاءِ.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ