Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 14:22 - Sindhi Bible

22 ۽ ٻہ ڳيرا يا ڪبوتر جا ٻہ ٻچا، جيڪي بہ آڻي سگهي؛ تن مان هڪڙو گناهہ جي قربانيءَ لاءِ ۽ ٻيو سوختني قربانيءَ لاءِ آڻي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

22 هو ٻہ ڳيرا يا ٻہ ڪبوتر، جيڪي بہ آڻي سگھي سي پڻ آڻي. انهن مان هڪڙو پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ ۽ ٻيو ساڙڻ واري قربانيءَ لاءِ هجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 14:22
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن اوهين رڍن جي واڙي ۾ ليٽي آرام ڪندا، تڏهن ڪبوتر وانگي ٿيندا، جنهن جا پر چانديءَ وانگر، ۽ جنهن جا کنڀ پيلي سون وانگر ڍڪيل آهن.


اي منهنجي ڪبوتري، تون جا ٽڪر جي ڦاٽن ۾، ۽ اُڀ ڪپري واري جاءِ جي اوٽ ۾ آهين، پنهنجي شڪل ڏيکار. پنهنجو آواز ٻڌاءِ؛ ڇالاءِ جو تنهنجو آواز مٺو آهي، ۽ تنهنجي شڪل سهڻي آهي.


ابابيل يا ڪنگ وانگي مون ٻوليون ڪيون؛ ڳيري وانگيان مون اوساريو: منهنجون اکيون مٿي نهاري نهاري ساڻيون ٿيون ٿين: اي خداوند آءٌ ستايل آهيان، تون منهنجو ضامن ٿيءُ.


اسين سڀ رڇن وانگي گجگوڙ ڪريون ٿا: ۽ ڳيرن وانگي اوساريون ٿا: اسين انصاف جي واٽ تڪيون ٿا، پر اهو نہ ٿو لڀي؛ نجات جا منتظر آهيون، پر اها اسان کان پري آهي.


اي موآب جا رهاڪو، شهرن کي ڇڏي وڃي ٽڪر ۾ رهو؛ ۽ انهي ڪبوتر جهڙا ٿيو جو غار جي منهن جي پاسن ۾ پنهنجو آکيرو جوڙي ٿو.


پر جيڪي هنن مان ڀڄي نڪرندا سي بچندا، ۽ وادين جي ڪبوترن وانگي جبلن تي هوندا، ۽ انهن مان هرڪو پنهنجي بدڪاريءَ جي سبب ماتم ڪندو.


۽ جيڪڏهن هو غريب هجي ۽ ايترو آڻي نہ سگهي، تہ خطا جي قربانيءَ لاءِ لوڏڻ واسطي هڪڙو گهيٽو آڻي، تہ هن جي لاءِ ڪفارو ڪيو وڃي، ۽ کاڌي جي قربانيءَ لاءِ هڪڙي ايفہ جي ڏهين حصي جيترو تيل ۾ ڳوهيل ميدو، ۽ هڪڙو ماڻ تيل جو؛


۽ ڪاهن خطا جي قربانيءَ وارو گهيٽو، ۽ تيل جو ماڻ کڻي، خداوند جي حضور ۾ لوڏڻ جي قربانيءَ طور لوڏي:


۽ اٺين ڏينهن هو ٻہ ڳيرا يا ڪبوتر جا ٻہ ٻچا کڻي، جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ خداوند جي حضور ۾ آڻي ڪاهن کي ڏئي:


۽ جيڪڏهن هن کي گهيٽي يا ٻڪريءَ جي وسعت نہ هجي، تہ هو پنهنجي گناهہ جي لاءِ خداوند جي حضور ۾ ٻہ ڳيرا، يا ڪبوتر جا ٻہ ٻچا، گناهہ جي قربانيءَ طور آڻي؛ هڪڙو گناهہ جي قربانيءَ لاءِ، ۽ ٻيو سوختني قربانيءَ لاءِ.


۽ اٺين ڏينهن هو ٻہ ڳيرا يا ڪبوتر جا ٻہ ٻچا، جماعت واري تنبوءَ جي در تي ڪاهن وٽ آڻي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ