Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 14:18 - Sindhi Bible

18 ۽ باقي جيڪو تيل ڪاهن جي تريءَ تي هجي، سو هو پاڪ ٿيڻ واري ماڻهوءَ جي مٿي تي وجهي: ۽ ڪاهن هن جي لاءِ خداوند جي حضور ۾ ڪفارو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 تريءَ تي باقي بچيل تيل هو پاڪ ٿيڻ واري ماڻهوءَ جي مٿي ۾ وجھي ڇڏي. اهڙيءَ طرح ڪاهن هن جي لاءِ مون خداوند جي حضور ۾ ڪفارو ادا ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 14:18
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ مسح ڪرڻ جو تيل کڻي، اهو سندس مٿي تي وجهج، ۽ کيس مسح ڪج.


۽ باقي جيڪو تيل سندس هٿ ۾ هجي، تنهن مان ڪاهن ڪجهہ کڻي، پاڪ ٿيڻ واري ماڻهوءَ جي ساڄي ڪن جي پاپڙيءَ تي، ۽ سندس ساڄي هٿ جي آڱوٺي تي، ۽ سندس ساڄي پير جي آڱوٺي تي، خطا جي قربانيءَ واري رت جي مٿان لڳائي:


۽ ڪاهن انهن مان هڪڙو گناهہ جي قربانيءَ لاءِ ۽ ٻيو سوختني قربانيءَ لاءِ پيش ڪري: ۽ ڪاهن هن جي واسطي سندس پرميل جي مرض لاءِ خداوند جي اڳيان ڪفارو ڪري.


هو وهڙي سان ائين ئي ڪري: يعني جهڙي طرح هن گناهہ جي قربانيءَ واري وهڙي سان ڪيو هو، تهڙيءَ طرح هن سان بہ ڪري: ۽ ڪاهن هنن جي لاءِ ڪفارو ڪري تہ پوءِ انهن کي معافي ملندي.


۽ انهي جي سڀ چرٻي، سلامتيءَ جي قربانيءَ واري چرٻيءَ وانگر قربانگاهہ تي رکي ساڙي: ۽ ڪاهن هن جي لاءِ سندس گناهہ جي بابت ڪفارو ڪري، تہ پوءِ هن کي معافي ملندي.


۽ انهيءَ جي سڀ چرٻي ڪڍي وٺي، جيئن ڪ سلامتيءَ جي قربانيءَ مان ڪڍبي آهي؛ ۽ ڪاهن اها قربانگاهہ تي رکي ساڙي، تہ خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ ٿئي؛ ۽ ڪاهن هن جي لاءِ ڪفارو ڪري، تہ پوءِ هن کي معافي ملندي.


۽ انهيءَ جي سڀ چرٻي ڪڍي وٺي، جيئن ڪ سلامتيءَ جي قربانيءَ واري گهيٽي مان ڪڍبي آهي؛ ۽ ڪاهن انهي کي قربانگاهہ تي انهن قربانين جي مٿان رکي ساڙي، جي خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙبيون آهن: ۽ ڪاهن هن جي لاءِ سندس گناهہ جي بابت ڪفارو ڪري، تہ پوءِ هن کي معافي ملندي.


۽ انهيءَ پاڪ شيءِ بابت هن جيڪا خطا ڪئي هجي، تنهن جو عيوضو ڀري ڏئي، ۽ انهي جو پنجون حصو وڌيڪ ڪاهن کي ڏئي: ۽ ڪاهن انهيءَ خطا جي قربانيءَ واري گهٽي سان هن جي لاءِ ڪفارو ڪري، تہ پوءِ هن کي معافي ملندي.


۽ هن مسح ڪرڻ جي تيل مان ڪجهہ هارون جي مٿي تي اوتيو، ۽ انهي کي مسح ڪيائين تہ پاڪ ٿئي.


۽ جنهن شخص ڀل مان اها خطا ڪئي آهي، تنهن جي گناهہ جي لاءِ، ڪاهن خداوند جي حضور ۾ ڪفارو ڪري، تہ پوءِ انهي کي معافي ملندي.


تنهنڪري واجب هو تہ هو سڀني ڳالهين ۾ پنهنجن ڀائرن جهڙو ٿئي؛ انهي لاءِ تہ اُمت جي گناهن جي ڪفاري ڏيڻ لاءِ، خدا سان واسطو رکندڙ ڳالهين ۾، هڪڙو رحمدل ۽ ايماندار سردار ڪاهن ٿئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ