Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 14:17 - Sindhi Bible

17 ۽ باقي جيڪو تيل سندس هٿ ۾ هجي، تنهن مان ڪاهن ڪجهہ کڻي، پاڪ ٿيڻ واري ماڻهوءَ جي ساڄي ڪن جي پاپڙيءَ تي، ۽ سندس ساڄي هٿ جي آڱوٺي تي، ۽ سندس ساڄي پير جي آڱوٺي تي، خطا جي قربانيءَ واري رت جي مٿان لڳائي:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 باقي جيڪو تيل سندس هٿ جي تريءَ تي بچيل هجي تنهن مان ڪاهن ڪجھہ کڻي، پاڪ ٿيڻ واري ماڻهوءَ جي ساڄي ڪن جي پاپڙيءَ تي، سندس ساڄي هٿ جي آڱوٺي تي ۽ ساڄي پير جي آڱوٺي تي، قصور جي تلافيءَ واسطي قربانيءَ واري رت جي مٿان لڳائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 14:17
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ آءٌ پنهنجو روح اوهان ۾ وجهندس، ۽ اوهان کي پنهنجي قانونن تي هلائيندس، ۽ اوهين منهنجن حڪمن جي سنڀال ڪندا، ۽ انهن تي عمل ڪندا.


۽ ڪاهن خطا جي قربانيءَ مان ڪجهہ رت کڻي، پاڪ ٿيڻ واري ماڻهو جي ساڄي ڪن جي پاپڙيءَ تي، ۽ ساڄي هٿ جي آڱوٺي تي، ۽ ساڄي پير جي آڱوٺي تي لائي:


۽ ڪاهن پنهنجي تريءَ واري تيل مان پنهنجي ساڄي آڱر ٻوڙي، ۽ خداوند جي حضور ۾ ست ڀيرا پنهنجيءَ آڱر سان ڪجهہ تيل ڇاٽاري:


۽ باقي جيڪو تيل ڪاهن جي تريءَ تي هجي، سو هو پاڪ ٿيڻ واري ماڻهوءَ جي مٿي تي وجهي: ۽ ڪاهن هن جي لاءِ خداوند جي حضور ۾ ڪفارو ڪري.


پوءِ هن انهي کي ذبح ڪيو؛ ۽ موسيٰ انهي جي رت مان ڪجهہ کڻي، هارون جي ساڄي ڪن جي پاپڙي تي، ۽ سندس ساڄي هٿ جي آڱوٺي تي، ۽ سندس ساڄي پير جي آڱوٺي تي لڳايو.


پوءِ موسيٰ مسح ڪرڻ جي تيل مان، ۽ قربانگاهہ تي پيل رت مان ڪجهہ کڻي هارون تي، ۽ سندس ڪپڙن تي، ۽ ساڻس گڏ سندس پٽن تي، ۽ انهن جي ڪپڙن تي ڇاٽاريو؛ ۽ هارون کي، ۽ سندس ڪپڙن کي، ۽ ساڻس گڏ سندس پٽن کي، ۽ انهن جي ڪپڙن کي پاڪ ڪيائين.


۽ هن جي ڀرپورائيءَ مان اسان سڀني کي مليو آهي، يعني فضل تي فضل.


۽ جيڪي خدا پيءُ جي سابق علم موجب چونڊيا ويا آهن، تہ روح جي پاڪ ڪرڻ سان فرمانبردار ٿين، ۽ يسوع مسيح جي رت ڇٽڪارڻ ڪري مخصوص ٿين. شل اوهان تي فضل ۽ اطمينان وڌندو رهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ