15 ۽ ڪاهن انهي تيل جي ماڻ مان ڪجهہ کڻي، پنهنجي کٻي هٿ جي تريءَ تي وجهي:
15 پوءِ ڪاهن انهيءَ اڌ ليٽر تيل مان ڪجھہ کڻي پنهنجي کاٻي هٿ جي تريءَ تي وجھي.
تو سچائيءَ کي پسند ڪيو آهي، پر بڇڙائي کان نفرت ڪئي اٿيئي: تنهن ڪري خدا، تنهنجي خدا، توکي تنهنجي سنگتين کان وڌيڪ خوشيءَ جي تيل سان مسح ڪيو آهي.
۽ اٺين ڏينهن هو ٻہ بي عيب گهيٽا، ۽ هڪڙي بي عيب يڪسالي گهيٽي، ۽ کاڌي جي قربانيءَ لاءِ هڪڙي ايفہ جي ڏهين حصي جي ٽيڻ جيترو تيل ۾ ڳوهيل ميدو، ۽ هڪڙو ماڻ تيل کڻي اچي.
۽ ڪاهن پنهنجي تريءَ واري تيل مان پنهنجي ساڄي آڱر ٻوڙي، ۽ خداوند جي حضور ۾ ست ڀيرا پنهنجيءَ آڱر سان ڪجهہ تيل ڇاٽاري:
ڇالاءِ تہ جنهن کي خدا موڪليو آهي، سو خدا جون ڳالهيون ٿو ڪري: ڪيئن جو هو روح مَئي نٿو ڏئي.
۽ انهي قدوس اوهان کي مسح ڪيو آهي، ۽ اوهين سڀ ڳالهيون ڄاڻو ٿا.