Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 14:14 - Sindhi Bible

14 ۽ ڪاهن خطا جي قربانيءَ مان ڪجهہ رت کڻي، پاڪ ٿيڻ واري ماڻهو جي ساڄي ڪن جي پاپڙيءَ تي، ۽ ساڄي هٿ جي آڱوٺي تي، ۽ ساڄي پير جي آڱوٺي تي لائي:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 ڪاهن انهيءَ قصور جي تلافيءَ واسطي قربانيءَ مان ڪجھہ رت کڻي، پاڪ ٿيڻ واري ماڻهوءَ جي ساڄي ڪن جي پاپڙيءَ تي، ساڄي هٿ جي آڱوٺي تي ۽ ساڄي پير جي آڱوٺي تي لائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 14:14
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ تون اهو گهٽو ذبح ڪري، انهي جي رت مان ڪجهہ کڻي، هارون ۽ سندس پٽن جي ساڄي ڪن جي پاپڙين تي، ۽ سندن ساڄي هٿ جي آڱوٺي تي، ۽ سندن ساڄي پير جي آڱوٺي تي لائج، ۽ باقي سڀ رت قربانگاهہ تي چوڌاري ڇاٽاري ڇڏج.


ڇالاءِ اڃا بہ اوهين مار کائيندا، جو وڃو وڌيڪ فساد ڪندا؟ سارو مٿو بيمار آهي ۽ سڄي دل ماندي آهي.


پوءِ ڪاهن گناهہ جي قرباني چاڙهي، ۽ جيڪو ماڻهو پنهنجي ناپاڪيءَ کان پاڪ ٿيڻو آهي، تنهن جي لاءِ ڪفارو ڪري: تنهن کان پوءِ هو سوختني قرباني ذبح ڪري،


پوءِ هو خطا جي قربانيءَ وارو گهيٽو ذبح ڪري، ۽ ڪاهن خطا جي قربانيءَ جي رت مان ڪجهہ کڻي، پاڪ ٿيڻ واري ماڻهو جي ساڄي ڪن جي پاپڙيءَ تي، ۽ سندس ساڄي هٿ جي آڱوٺي تي، ۽ سندس ساڄي پير جي آڱوٺي تي لڳائي:


تنهنڪري، اي ڀائرو، آئون اوهان کي خدا جي رحمتن جو واسطو وجهي عرض ٿو ڪريان تہ اوهين پنهنجا بدن اهڙيءَ قربانيءَ ٿيڻ جي لاءِ نذر ڪريو جا زندہ، ۽ پاڪ، ۽ خدا کي پسند هجي، ۽ اُها ئي اوهان جي مناسب عبادت آهي.


نڪي پنهنجن عضون کي گناهہ جي حوالي ڪريو تہ ناراستيءَ جا هٿيار ٿين، پر پاڻ کي مُئلن مان جيئرو سمجهي، خدا جي حوالي ڪريو، تہ راستبازيءَ جا هٿيار ٿين.


اوهان جي جسماني ڪمزوريءَ جي سبب آئون انساني طور ٿو ڳالهايان. ڇالاءِ جو جيئن اوهان پنهنجا عضوا بدڪاري ڪرڻ لاءِ، ناپاڪائيءَ ۽ بدڪاريءَ جي غلامي جي حوالي ڪري ڇڏيا هئا، تيئن هاڻي پنهنجا عضوا پاڪ ٿيڻ جي لاءِ راستبازيءَ جي غلاميءَ جي حوالي ڪري ڇڏيو.


ڇالاءِ تہ ملهہ ڳڌل آهيو. تنهنڪري پنهنجي بدن سان خدا جو جلال ظاهر ڪريو.


تنهنڪري اي پيارو، جڏهن اسان سان اهڙا واعدا ڪيا ويا آهن، تڏهن اچو تہ اسين پاڻ کي هر طرح جي جسماني ۽ روحاني ناپاڪيءَ کان پاڪ ڪريون، ۽ خدا جو خوف رکي پاڪيزگيءَ ۾ ڪامل ٿيون.


تون ڪوڙهہ جي بيماريءَ کان سنڀاليندو رهج، ۽ جيڪي لاوي ڪاهن اوهان کي سيکارين، انهي موجب خبرداريءَ سان عمل ڪج: جيئن مون انهن کي حڪم ڏنو آهي، تيئن اوهين خبرداريءَ سان ڪندا رهجو.


جو منهنجي دل جي آرزو ۽ اُميد اها آهي، تہ آئون ڪنهن بہ ڳالهہ ۾ شرمندو نہ ٿيان، بلڪ ڏاڍيءَ بهادريءَ سان هميشہ وانگر هاڻي بہ منهنجي بدن ڪري مسيح جي وڏائي ٿئي، پوءِ توڙي جيئرو رهان يا مري وڃان:


۽ اوهين بہ زندہ پهڻن وانگر اڏجي روحاني گهر بڻجو، انهي لاءِ تہ هڪڙي ڪاهنن جي پاڪ جماعت ٿي، اهڙيون روحاني قربانيون چاڙهيو جي يسوع مسيح جي وسيلي خدا وٽ قبول ٿيون پون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ