Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 13:57 - Sindhi Bible

57 ۽ جي اڃا بہ اهو ڪپڙي ۾ ڏسڻ ۾ اچي، پوءِ اهو تاڃيءَ ۾ هجي يا پيٽي ۾، يا چم جي ڪنهن شيءِ ۾ هجي، تہ اهو پکڙجڻ وارو آهي: پوءِ جنهن شيءِ ۾ اهو مرض جو داغ هجي، تنهن کي تون باهہ سان ساڙي ڇڏج.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

57 پوءِ جيڪڏهن اڃا بہ اهو ڪپڙي ۾ يا چم جي انهيءَ شيءِ ۾ وري ظاهر ٿئي، تہ اهو پکڙجڻ وارو سينور آهي. سو جنهن شيءِ ۾ اهو داغ هجي سا ساڙي ڇڏجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 13:57
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

صيون ۾ جيڪي گنهگار آهن، سي ڊڄي ويا آهن؛ بي دينن کي اوچتو ڏڪڻي وٺي وئي آهي. اسان مان ڪير تباهہ ڪندڙ باهہ سان رهندو؟ اسان مان ڪير هميشہ جي کورن سان رهندو؟


۽ داغ ڪپڙي جي تاڃيءَ ۾ هجي توڙي پيٽي ۾ هجي؛ سڻيءَ جي ڪپڙي ۾ هجي، يا پشم جي ڪپڙي ۾ هجي؛ چم ۾ هجي يا چم مان ٺهيل ڪنهن شيءِ ۾ هجي؛


پر جيڪڏهن ڪاهن چڪاسي، ۽ ڏسو، جي انهي جي ڌوئڻ کان پوءِ داغ جهڪو ٿي پوي، تہ پوءِ اهو ڪپڙي مان، يا چم مان، يا تاڃيءَ مان، ڦاڙي ڪڍي وٺي:


۽ اهو ڪپڙو، تاڃي هجي يا پيٽو، يا ڪابہ چم جي شيءِ هجي، ۽ جيڪڏهن انهي کي ڌوئڻ سان مرض جو داغ منجهانئس نڪري وڃي، تہ انهي کي ٻيو ڀيرو ڌوئجي، پوءِ اهو پاڪ ٿيندو.


تنهن تي بادشاهہ کي ڪاوڙ لڳي، ۽ هن پنهنجا نوڪر موڪلي انهن خونين کي برباد ڪيو، ۽ انهن جو شهر ساڙائي ڇڏيائين.


تڏهن وري هو کٻي پاسي وارن کي چوندو تہ اي ملعونو، مون وٽان ٽري وڃو، ۽ وڃي هميشہ جي باهہ ۾ پئو، جا شيطان ۽ سندس ملائڪن لاءِ تيار ڪئي ويئي آهي.


جنهن کي پنهنجو ڇڄ هٿ ۾ آهي، ۽ اُهو پنهنجي ڳاهہ جي پڙ کي چڱيءَ طرح صفا ڪندو، ۽ پنهنجي ڪڻڪ ڀانڊي ۾ گڏ ڪري رکندو؛ پر بهہ کي اهڙيءَ باهہ ۾ ساڙيندو جا وسامڻ جي ئي ڪانهي.


تون ڪوڙهہ جي بيماريءَ کان سنڀاليندو رهج، ۽ جيڪي لاوي ڪاهن اوهان کي سيکارين، انهي موجب خبرداريءَ سان عمل ڪج: جيئن مون انهن کي حڪم ڏنو آهي، تيئن اوهين خبرداريءَ سان ڪندا رهجو.


۽ انهي ۾ ڪابہ ناپاڪ شيءِ يا ڪوبہ نفرت ۽ ڪوڙ جهڙو ڪم ڪندڙ هرگز داخل نہ ٿيندو؛ پر رڳو اُهي داخل ٿيندا، جن جا نالا گهيٽي جي ڪتابِ حيات ۾ لکيل آهن.


پر جيڪي ڊڄڻا، بي ايمان، ناپاڪ، خوني، زناڪار، جادوگر، بُت پرست ۽ ڪوڙا آهن، تن سڀني جو حصو انهيءَ ڍنڍ ۾ ٿيندو، جا باهہ ۽ گندرف سان پيئي ٻري؛ اهو ٻيو موت آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ