۽ پنهنجن ڪپڙن مان ڪي ڪڍي تو پنهنجي لاءِ مٿانهان مڪان جوڙيا، ۽ انهن کي جدا جدا رنگن سان سينگاري انهن تي بہ زنا ڪئي: اهڙيون ڳالهيون نہ وري اينديون ۽ نہ وري ائين ٿيندو.
۽ اهو ڪپڙو، تاڃي هجي يا پيٽو، پشم جو هجي يا سڻيءَ جو، يا چم مان جڙيل ڪا شيءِ هجي، جنهن تي بہ اهو مرض جو داغ هجي، تنهن کي هو باهہ ۾ ساڙي ڇڏي: ڇالاءِ جو اهو خراب قسم جو ڪوڙهہ آهي.