Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 13:46 - Sindhi Bible

46 جيترا ڏينهن هن کي مرض هوندو، اوترا ڏينهن هو ناپاڪ رهندو؛ اهو ناپاڪ آهي: هو اڪيلو رهي؛ ۽ هن جي رهڻ جي جاءِ منزلگاهہ کان ٻاهر هجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

46 جيترا ڏينهن هن کي اهو مرض هوندو اوترا ڏينهن هو ناپاڪ ئي رهندو. سو هو اڪيلو رهي ۽ هن جي رهڻ جي جاءِ خيمي‌گاهہ کان ٻاهر هجي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 13:46
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڀلي تہ اهو يوآب ۽ سندس اباڻي گهراڻي تي پوي؛ ڀلي تہ يوآب جي گهراڻي مان ڪونہ ڪو اهڙو ٿئي جنهن کي ڳوڙهي نڪري يا ڪوڙهيو هجي، يا جو لٺ تي هلي، يا جو ترار سان قتل ٿئي، يا جو مانيءَ لاءِ محتاج هجي.


۽ خداوند بادشاهہ کي ڌڪ هنيو، جنهنڪري هو مرڻ جي ڏينهن تائين ڪوڙهيو ٿي پيو، ۽ ڌار گهر ۾ رهندو آيو. ۽ بادشاهہ جو پٽ يوتام گهر جي ڪم ڪار تي هوندو هو، ۽ ملڪ ۾ ماڻهن جو انصاف ڪندو هو.


هاڻي دروازي جي لنگهہ واري هنڌ چار ڪوڙهيا ماڻهو هئا: ۽ اُنهن هڪ ٻئي کي چيو تہ هتي اسين هيستائين ڇو ويٺا هجون جيستائين مري وڃون؟


۽ عزياہ بادشاهہ مرڻ گهڙيءَ تائين ڪوڙهيو هو، ۽ ڪوڙهي هئڻ سبب ڌار گهر ۾ رهندو هو؛ ڇالاءِ جو هو خداوند جي گهر کان وڍجي ويو: ۽ سندس پٽ يوتام بادشاهہ جي گهر مٿان نظر ڪندو هو، ۽ ملڪ جي ماڻهن جي عدالت ڪندو هو.


ڪا پيڙهي اهڙي آهي جا پنهنجي نظر ۾ پاڪ آهي، تڏهن بہ پنهنجي گندگي کان ڌوپي صاف نہ ٿي آهي.


جيڪو شهر ماڻهن سان ڀريل هوندو هو، سو ڪيئن نہ اڪيلو ويٺو آهي! اهو ڪيئن نہ بيوہ زال جهڙو ٿي پيو آهي! جا قومن ۾ وڏي هئي، ۽ ملڪن ۾ شهزاديءَ جي درجي تي هئي، سا ڪيئن نہ ڍل ڀريندڙ ٿي پيئي آهي!


يروشلم جي ڌيءَ وڏا گناهہ ڪيا آهن؛ تنهن ڪري هوءَ هڪڙي ناپاڪ شيءِ جهڙي ٿي پئي آهي: جيڪي اڳي عزت ڏيندا هئس سي سڀ هاڻي ڌڪارينس ٿا، ڇالاءِ جو انهن سندس اوگهڙ ڏٺي آهي: هائو؛ هوءَ ٿڌا ساهہ کڻي ٿي، ۽ پٺتي موٽي ٿي.


هن انهن کي رڙ ڪري چيو تہ نڪري وڃو، اي پليت نڪري وڃو، هٿ نہ لايو. جڏهن هو ڀڄي ويا ۽ وڃي رلڻ لڳا، تڏهن قومن ۾ ماڻهن چيو تہ هو وري اڳتي هتي اچي نہ رهندا.


جنهن ڪپڙي تي ڪوڙهہ جي مرض جو داغ هجي، اهو پشم جو هجي يا سڻيءَ جو هجي؛


۽ ڪاهن منزلگاهہ مان نڪري ٻاهر وڃي؛ ۽ ڪاهن هن کي چڪاسي، ۽ ڏسو، جيڪڏهن ڪوڙهہ جو مرض ڪوڙهئي مان نڪري ويو هجي؛


ڇالاءِ جو جيڪو بہ ماڻهو انهي ساڳئي ڏينهن پنهنجي روح جي رياضت نہ ڪندو، سو پنهنجن ماڻهن مان تباهہ ڪيو ويندو.


۽ هڪڙي ڳوٺ ۾ ويو تہ ڏهہ ڪوڙهيا گڏيس، جن پريان بيهي،


تڏهن اهڙي شخص کي جسم جي برباديءَ لاءِ شيطان جي حوالي ڪري ڇڏجو، تہ هن جو روح خداوند يسوع جي ڏينهن بچي پوي.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو اسان جي هن خط جي ڳالهہ نہ مڃي تہ انهي کي نگاهہ ۾ رکو، ۽ ساڻس سڀ لاڳاپا لاهي ڇڏيو، انهي لاءِ تہ هو شرمندو ٿئي.


هاڻي اي ڀائرو، اسين پنهنجي خداوند يسوع مسيح جي نالي تي حڪم ٿا ڏيون، تہ اوهين سڀ ڪنهن اهڙي ڀاءُ کان پاسو ڪريو، جو بي قاعدي ٿو هلي، ۽ انهيءَ روايت تي عمل نٿو ڪري جا اسان کان اوهان کي ملي.


۽ انهن ماڻهن ۾ ردوبدل ٿي ٿئي، جن جا خيال خراب آهن ۽ جي سچ کان خالي آهن ۽ ڀانئين ٿا تہ دينداري نفعي جو هڪڙو ذريعو آهي.


۽ انهي ۾ ڪابہ ناپاڪ شيءِ يا ڪوبہ نفرت ۽ ڪوڙ جهڙو ڪم ڪندڙ هرگز داخل نہ ٿيندو؛ پر رڳو اُهي داخل ٿيندا، جن جا نالا گهيٽي جي ڪتابِ حيات ۾ لکيل آهن.


پر ڪتا، ۽ جادوگر، ۽ زناڪار، ۽ خوني، ۽ بُت پرست ۽ اهي سڀيئي جيڪي ڪوڙ کي پسند ٿا ڪن ۽ ڪوڙ ٿا ٺاهين، سي ٻاهر هوندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ