Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 13:40 - Sindhi Bible

40 ۽ جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جي مٿي جا وار کُسي ويا هجن، تہ هو گنجو آهي؛ پر هو پاڪ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

40-41 جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جي مٿي يا پيشانيءَ جا وار کُسي ويا آهن تہ اهو گنجو تہ آهي، مگر ناپاڪ نہ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 13:40
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ هو اُتان نڪري بيت ايل ڏانهن ويو: ۽ جيئن هو واٽ وٺيو پئي ويو تيئن ننڍڙا ٻار شهر مان نڪري آيا ۽ هن تي ٺٺوليون ڪري چوڻ لڳا تہ هل ڙي گنجا؛ هل ڙي گنجا.


هن جو مٿو نهايت خالص سون جهڙو آهي، هن جا زلف گهاٽا ۽ ڪانگ جهڙا ڪارا آهن.


بيت ۽ ديبون مٿانهين جاين ڏي روئڻ لاءِ ويا: نبو، ۽ ميدبا تي موآب واويلا ٿو ڪري: هنن سڀني جا مٿا ڪوڙيل آهن، ۽ سڀڪا ڏاڙهي ڪتريل آهي.


تہ ڪاهن اهي چڪاسي: ۽ ڏسو، جيڪڏهن هن جي بت جي کل وارا داغ جهڪا اڇا هجن؛ تہ اهو لسڻ آهي؛ جو کل ۾ نڪتو آهي؛ اهو پاڪ آهي.


۽ جيڪڏهن هن جا وار سندس مٿي جي اڳئين پاسي تان کسي ويا هجن، تہ اهو گنجي پيشانيءَ وارو آهي؛ تہ بہ هو پاڪ آهي؛


۽ آءٌ اوهان جون عيدون ڦيرائي ماتم ڪندس، ۽ اوهان جا سڀ راڳ ورلاپ ڪندس؛ ۽ آءٌ سڀني چيلهين تي کٿو آڻيندس، ۽ سڀ ڪنهن مٿي کي گنجو ڪندس؛ ۽ آءٌ اهڙو ماتم ڪرائيندس جهڙو هڪڙي ئي پٽ لاءِ ٿيندو آهي، ۽ پڇاڙي اوهان جي هڪڙي ڪَڙي ڏينهن جهڙي ڪندس.


تنهنڪري گناهہ کي پنهنجي فاني جسم ۾ بادشاهي ڪرڻ نہ ڏيو، متان اوهين سندن خواهشن جي تابعداري ڪريو.


اوهان جي جسماني ڪمزوريءَ جي سبب آئون انساني طور ٿو ڳالهايان. ڇالاءِ جو جيئن اوهان پنهنجا عضوا بدڪاري ڪرڻ لاءِ، ناپاڪائيءَ ۽ بدڪاريءَ جي غلامي جي حوالي ڪري ڇڏيا هئا، تيئن هاڻي پنهنجا عضوا پاڪ ٿيڻ جي لاءِ راستبازيءَ جي غلاميءَ جي حوالي ڪري ڇڏيو.


۽ جي مسيح اوهان ۾ آهي، تہ بدن گناهہ جي ڪري مُئل آهي، پر روح راستبازيءَ جي ڪري جيئرو آهي.


پر اوهين ڄاڻو ٿا تہ پهريون ڀيرو مون اوهان کي جسم جي هيڻائيءَ ۽ ڪمزوريءَ ڪري، خوشخبري ٻُڌائي هئي؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ