Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 13:4 - Sindhi Bible

4 ۽ جيڪڏهن هن جي بت جي کل تي اهو چمڪندڙ داغ اڇو هجي، پر اهو مرض هن جي بت جي کل کان اونهو ڏسڻ ۾ نہ اچي، ۽ انهي جا وار بہ اڇا نہ ٿيا هجن، تہ پوءِ ڪاهن اهڙي مرض واري ماڻهوءَ کي ست ڏينهن بند ڪري ويهاري:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 پر جيڪڏهن هن جي جسم جي چمڙيءَ تي اهو اڇو چمڪندڙ داغ هن جي چمڙيءَ کان اونهو ڏسڻ ۾ نہ اچي ۽ انهيءَ جا وار بہ اڇا نہ ٿيا هجن، تہ پوءِ ڪاهن اهڙي مرض واري ماڻهوءَ کي ست ڏينهن بند ڪري ويهاري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 13:4
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر جيڪي لاوي، اسرائيل جي گمراهہ ٿيڻ وقت مون کان پري ويا، ۽ پنهنجن بُتن جي پٺيان لڳي مون کان ڦري ويا؛ سي پنهنجي بدڪاري پاڻ کڻندا.


تہ اهو هن جي بت جي کل ۾ جهونو ڪوڙهہ آهي، ۽ ڪاهن هن کي ناپاڪ ٺهرائي: هو انهي کي بند نہ ڪري؛ ڇالاءِ جو هو ناپاڪ آهي.


تہ پوءِ ڪاهن هن کي چڪاسي: ۽ ڏسو، جي انهي چمڪندڙ داغ جا وار اڇا ٿي ويا هجن، ۽ اهو مرض کل کان اونهو ڏسڻ ۾ اچي، تہ اهو ڪوڙهہ آهي، جو سڙڻ جي ڪري پيدا ٿيو آهي: ۽ ڪاهن انهي کي ناپاڪ ٺهرائي: اهو ڪوڙهہ جو مرض آهي.


پر جيڪڏهن ڪاهن هن کي چڪاسي، ۽ ڏسو، جي انهي چمڪندڙ داغ جا وار اڇا نہ ٿيا هجن، ۽ اهو هنڌ کل کان اونهو نہ هجي، ۽ جهڪو هجي؛ تہ پوءِ ڪاهن هن کي ست ڏينهن بند ڪري ويهاري:


۽ اهو ڪاهن هن جي بت جي کل تي ٿيل مرض کي چڪاسي: ۽ جيڪڏهن انهي مرض واري هنڌ جا وار اڇا ٿي ويا هجن، ۽ جيڪڏهن اهو مرض هن جي بت جي کل کان اونهو ڏسڻ ۾ اچي، تہ اهو ڪوڙهہ جو مرض آهي: ۽ ڪاهن انهي کي ڏسي کيس ناپاڪ ٺهرائي.


پر جيڪڏهن ڪاهن انهي پت جي مرض کي چڪاسي، ۽ ڏسو، جي اهو مرض کل کان اونهو ڏسڻ ۾ نہ اچي، ۽ انهي ۾ ڪارا وار نہ هجن، تہ ڪاهن انهي پت جي مرض واري کي ست ڏينهن بند ڪري ويهاري:


۽ ستين ڏينهن ڪاهن هن کي چڪاسي؛ ۽ ڏسو، جيڪڏهن سندس نظر ۾ اهو مرض هڪڙي ئي هنڌ بيٺل هجي، ۽ مرض کل تي پکڙيو نہ هجي، تہ پوءِ ڪاهن انهي کي وري ٻيا بہ ست ڏينهن بند ڪري وهاري:


۽ ڪاهن انهي مرض جي داغ کي چڪاسي ۽ جنهن شيءِ تي اهو مرض جو داغ هجي، تنهن کي ست ڏينهن بند ڪري رکي:


تہ پوءِ ڪاهن گهر مان نڪري گهر جي در تي اچي، ۽ گهر کي ستن ڏينهن تائين بند ڪري ڇڏي:


تڏهن خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ جيڪڏهن هن جو پيءُ رڳو هن جي منهن تي ٿُڪ اُڇلائي ها، تہ هيءَ ستن ڏينهن تائين شرمندي نہ رهي ها ڇا؟ سو هاڻي ستن ڏينهن تائين هوءَ منزلگاهہ کان ٻاهر رهي، پوءِ ڀلي اندر اچي.


ان موجب مريم ست ڏينهن منزلگاهہ کان ٻاهر رهي ۽ جيسين مريم موٽي اندر نہ آئي، تيسين ماڻهن ڪوچ نہ ڪيو.


تنهنڪري جيسين ڪ خداوند نہ اچي، تيسين وقت کان اڳي ڪنهن بہ ڳالهہ جو فيصلو نہ ڪريو، جو هو اونداهيءَ ۾ لڪل شيون سوجهري ۾ آڻيندو ۽ دلين جون رٿون ظاهر ڪندو. پوءِ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ جي تعريف خدا جي طرفان ٿيندي.


تہ پوءِ تون تحقيقات ۽ ڳولا ڪج، ۽ چڱيءَ طرح پڇاڳاڇا ڪج؛ ۽ ڏس، جيڪڏهن اها ڳالهہ سچي هجي، ۽ اها پڪ هجي، تہ تنهنجي وچ ۾ اهڙو ڪراهت جهڙو ڪم ٿيو آهي؛


ڪن ماڻهن جا گناهہ ظاهر هئڻ جي ڪري، سندن چال چلت جي خبر پئجيو وڃي، پر ڪن جا گناهہ دير سان ٿا ظاهر ٿين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ