Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 13:3 - Sindhi Bible

3 ۽ اهو ڪاهن هن جي بت جي کل تي ٿيل مرض کي چڪاسي: ۽ جيڪڏهن انهي مرض واري هنڌ جا وار اڇا ٿي ويا هجن، ۽ جيڪڏهن اهو مرض هن جي بت جي کل کان اونهو ڏسڻ ۾ اچي، تہ اهو ڪوڙهہ جو مرض آهي: ۽ ڪاهن انهي کي ڏسي کيس ناپاڪ ٺهرائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 اهو ڪاهن انهيءَ ماڻهوءَ جي جسم جي چمڙيءَ تي ٿيل مرض کي چڪاسي. جيڪڏهن مرض واري هنڌ جا وار اڇا ٿي ويا هجن ۽ اهو مرض هن جي چمڙيءَ کان اونهو ڏسڻ ۾ اچي، تہ پوءِ اهو چمڙيءَ جو وچڙندڙ مرض آهي ۽ ڪاهن انهيءَ ماڻهوءَ کي ناپاڪ قرار ڏئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 13:3
29 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هو ڏکڻ کان مسافري ڪندو بيت ايل ۾ آيو؛ انهيءَ هنڌ جتي شروعات ۾ بيت ايل ۽ عئي جي وچ ۾ سندس تنبو کُتل هو؛


خداوند ٿو فرمائي، تہ تنهنجي دل ڪهڙي نہ ضعيف آهي، ڇالاءِ جو تون اهي سڀ ڪم ڪرين ٿي جي هڪڙي حڪماڻي ڪڃري جا ڪم آهن.


۽ هو پنهنجي قوم کي پاڪ ۽ عام جي وچ ۾ فرق سيکارين، ۽ ناپاڪ ۽ پاڪ جي وچ ۾ تفاوت معلوم ڪرائين.


ڌاريا هن جي طاقت ڳهي ويا آهن، ۽ انهي جي هن کي ڪابہ خبر ڪانهي: هائو، هن تي ڪجهہ اڇا وار بہ اچي ويا آهن؛ پر انهن جي بہ هن کي خبر ڪانهي.


تہ اوهين پاڪ ۽ رواجي شين جي وچ ۾، ۽ حلال ۽ حرام جي وچ ۾ فرق معلوم ڪريو؛


۽ ڪاهن هن کي چڪاسي، ۽ ڏسو، جيڪڏهن کل تي اڇي سوڄ هجي، ۽ انهي جا وار اڇا ٿي ويا هجن، ۽ سوڄ واري هنڌ جو ماس نرم ۽ جيئرو هجي،


جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جي بت جي کل تي سوڄ يا ڏڍ يا ڪو چمڪندڙ داغ ٿئي، ۽ اُهو سندس بت جي کل تي ڪوڙهہ جو مرض ٿي پوي، تہ انهي کي هارون ڪاهن وٽ يا سندس پٽن، جي ڪاهن آهن، تن مان هڪڙي وٽ آندو وڃي:


۽ ڪاهن هن کي چڪاسي، ۽ ڏسو، جيڪڏهن اهو هنڌ کل کان اونهو ڏسڻ ۾ اچي، ۽ انهي هنڌ جا وار بہ اڇا ٿي ويا هجن تہ ڪاهن انهي کي ناپاڪ ٺهرائي: اهو ڪوڙهہ جو مرض آهي، جو ڦرڙيءَ مان پيدا ٿيو آهي.


۽ جيڪڏهن هن جي بت جي کل تي اهو چمڪندڙ داغ اڇو هجي، پر اهو مرض هن جي بت جي کل کان اونهو ڏسڻ ۾ نہ اچي، ۽ انهي جا وار بہ اڇا نہ ٿيا هجن، تہ پوءِ ڪاهن اهڙي مرض واري ماڻهوءَ کي ست ڏينهن بند ڪري ويهاري:


۽ ڪاهن انهي کي چڪاسي، ۽ ڏسو، جي ڏڍ کل تي پکڙجي ويئي هجي، تہ پوءِ ڪاهن هن کي ناپاڪ ٺهرائي: اهو ڪوڙهہ آهي.


۽ هو انهي مرض کي چڪاسي، ۽ ڏسو، جيڪڏهن اهو مرض گهر جي ڀتين ۾ هئڻ ڪري انهن ۾ سائيرا ۽ ڳاڙهيرا چير ٿي پيا هجن، ۽ اهي چير ڀت ۾ اونها ڏسڻ ۾ اچن،


اهو آهي قاعدو هر ڪنهن قسم جي ڪوڙهہ جي مرض، ۽ پت جي لاءِ؛


يا جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن بہ قسم جي ناپاڪيءَ جي ڪري ناپاڪ ٿيو هجي، ۽ انهي جي ناپاڪيءَ کي جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڀل مان ڇهي؛ پوءِ جڏهن انهي جي خبر پونديس، تڏهن هو ناپاڪ ٿيندو:


لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ شريعت بابت ڪاهنن کان پڇ ۽ چئين، تہ


ڇالاءِ جو لازم آهي تہ ڪاهن جي چپن تي علم هجي، ۽ ماڻهو اُنهيءَ جي واتان شريعت جي پڇا ڪن: ڇالاءِ جو هو لشڪرن جي خداوند جو پيغمبر آهي.


آئون توکي آسمان جي بادشاهت جون ڪنجيون ڏيندس، ۽ جيڪي تون زمين تي ٻڌندين سو آسمان ۾ ٻڌبو، ۽ جيڪي تون زمين تي ڇوڙيندين سو آسمان ۾ ڇوڙيو ويندو.


جن جا گناهہ اوهين معاف ڪندا تن کي معاف ٿيا، ۽ جن جا اوهين قائم رکندا تن جا قائم رهيا.


اوهين پنهنجي ۽ اُنهي ساري ڌڻ جي سنڀال ڪجو، جنهن جو پاڪ روح اوهان کي نگهبان مقرر ڪيو آهي، ۽ خدا جي انهيءَ ڪليسيا کي سنڀاليندا رهجو، جا هن خاص پنهنجي رت سان خريد ڪئي.


تڏهن اسين ڇا چئون؟ شريعت گناهہ آهي ڇا؟ اصل ئي نہ! انهي هوندي بہ شريعت کانسواءِ مون کي گناهہ جي خبر ڪانہ پوي ها: ڇالاءِ جو جيڪڏهن شريعت نہ چوي ها تہ تون لالچ نہ ڪر، تہ جيڪر مون کي لالچ جي خبر نہ پوي ها.


انهن مان همنيوس ۽ سڪندر آهن؛ جن کي مون شيطان جي حوالي ڪيو تہ ڪفر کان باز رهڻ سکن.


پر جيڪي بدڪار ۽ ٺڳ آهن، سي ٻين کي ٺڳي، ۽ پاڻ بہ ٺڳجي زيادہ خراب ٿيندا ويندا.


جيڪي اوهان جا اڳواڻ هئا ۽ اوهان کي خدا جو ڪلام ٻُڌايائون، تن کي ياد ڪريو ۽ انهن جي حياتيءَ جي نتيجي جو ويچار ڪري انهن جهڙو ايمان رکو.


۽ آئون انهي جي ٻارن کي ماري وجهندس؛ ۽ سڀني ڪليسيائن کي معلوم ٿيندو تہ آئون اُهو آهيان جو اندر جا خيال ۽ دليون جاچيندو آهيان؛ ۽ آئون اوهان مان هرهڪ کي سندس ڪمن موجب بدلو ڏيندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ