تنهنڪري بادشاهہ صلاح ڪري سون جا ٻہ گابا جوڙيا؛ ۽ ماڻهن کي چيائين تہ يروشلم تائين وڃڻ ۾ اوهان کي گهڻي تڪليف ٿيندي؛ اي اسرائيليو، اِجهو پنهنجا معبود ڏسو، جن اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو.
افسوس انهن تي جي بڇڙائيءَ کي چڱائيءَ ۽ چڱائي کي بڇڙائي ٿا سڏين؛ جي روشنائيءَ جي بدران اونداهي ۽ اونداهيءَ جي بدران روشنائي ٿا ڪن؛ جي مٺي جي بدران ڪَڙو، ۽ ڪَڙي جي بدران مٺو ٿا رکن!
پر جيڪڏهن چمڪندڙ داغ پنهنجيءَ جاءِ تي بيٺو هجي، ۽ کل تي پکڙيو نہ هجي، پر ٿورو جهڪو ٿيو هجي؛ تہ اهو سڙڻ جو نشان آهي، ۽ ڪاهن انهي کي پاڪ ٺهرائي؛ ڇالاءِ جو اهو فقط سڙڻ جو داغ آهي.
تہ ڪاهن انهي مرض کي چڪاسي: ۽ ڏسو جي اهو مرض کل کان اونهو ڏسڻ ۾ اچي، ۽ انهي ۾ پيلا سنها وار هجن، تہ پوءِ ڪاهن انهي کي ناپاڪ ٺهرائي: اهو پت آهي: اهو مٿي جو يا ڏاڙهيءَ جو ڪوڙهہ آهي.
انهن جا سردار انعام لاءِ عدالت ٿا ڪن، ۽ انهن جا ڪاهن ڀاڙو وٺي تعليم ٿا ڏين، ۽ نبي پئسن تي غيب گوئي ٿا ڪن، انهي هوندي بہ هو خداوند تي ڀروسو رکڻ ٿا گهرن ۽ چون ٿا تہ خداوند اسان جي وچ ۾ ناهي ڇا؟ اسان تي ڪابہ خرابي نہ ايندي.
پر جي تنهنجي اک بڇڙي هوندي، تہ تنهنجو سڄو بدن اوندهہ سان ڀريل هوندو. تنهنڪري جيڪا روشني تو ۾ آهي، سا جي اوندهہ ٿي پيئي تہ اُها ڪيڏي نہ وڏي اوندهہ چئبي.