Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 13:25 - Sindhi Bible

25 تہ پوءِ ڪاهن هن کي چڪاسي: ۽ ڏسو، جي انهي چمڪندڙ داغ جا وار اڇا ٿي ويا هجن، ۽ اهو مرض کل کان اونهو ڏسڻ ۾ اچي، تہ اهو ڪوڙهہ آهي، جو سڙڻ جي ڪري پيدا ٿيو آهي: ۽ ڪاهن انهي کي ناپاڪ ٺهرائي: اهو ڪوڙهہ جو مرض آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

25 تہ پوءِ ڪاهن هن کي چڪاسي ڏسي. جيڪڏهن انهيءَ چمڪندڙ داغ جا وار اڇا ٿي ويا هجن ۽ اهو مرض چمڙيءَ کان اونهو ڏسڻ ۾ اچي تہ اهو وچڙندڙ مرض آهي جيڪو انهيءَ داغ ۾ پيدا ٿيو آهي، سو ڪاهن انهيءَ ماڻهوءَ کي ناپاڪ قرار ڏئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 13:25
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنڪري نعمان جو ڪوڙهہ توکي ۽ تنهنجي اولاد کي هميشہ لاءِ چُهٽندو؛ ۽ هو هن وٽان ڪوڙهيو ٿي نڪتو، اهڙو اڇو جهڙي برف.


وري خداوند هيئن بہ چيس تہ هاڻي پنهنجو هٿ پنهنجيءَ ڇاتيءَ تي رک. هن پنهنجو هٿ ڇاتيءَ تي رکيو، ۽ جڏهن اهو ٻاهر ڪڍيائين، تڏهن ڏسي تہ سندس هٿ ڪوڙهہ سان ڀرجي برف جهڙو اڇو ٿي پيو آهي.


يا جڏهن ڪنهن جي بت جي کل تي باهہ ۾ سڙڻ جي ڪري داغ ٿيو هجي، ۽ سڙيل هنڌ جو جيئرو ماس ڳاڙهيرو اڇو، يا صفا اڇو ٿي پوي؛


پر جيڪڏهن ڪاهن هن کي چڪاسي، ۽ ڏسو، جي انهي چمڪندڙ داغ جا وار اڇا نہ ٿيا هجن، ۽ اهو هنڌ کل کان اونهو نہ هجي، ۽ جهڪو هجي؛ تہ پوءِ ڪاهن هن کي ست ڏينهن بند ڪري ويهاري:


۽ جيڪڏهن هن جي بت جي کل تي اهو چمڪندڙ داغ اڇو هجي، پر اهو مرض هن جي بت جي کل کان اونهو ڏسڻ ۾ نہ اچي، ۽ انهي جا وار بہ اڇا نہ ٿيا هجن، تہ پوءِ ڪاهن اهڙي مرض واري ماڻهوءَ کي ست ڏينهن بند ڪري ويهاري:


پوءِ اهو ڪڪر تنبوءَ تان هٽجي ويو، ۽ ڏسو، مريم هڪدم ڪوڙهي ٿي پيئي، بلڪل اڇي جهڙي برف، ۽ هارون مريم ڏانهن نهاريو، ۽ ڏٺائينس تہ ڪوڙهي ٿي پيئي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ