Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 13:23 - Sindhi Bible

23 پر جيڪڏهن اهو چمڪندڙ داغ پنهنجيءَ جاءِ تي بيٺو هجي، ۽ پکڙيو نہ هجي، تہ اهو ڦرڙيءَ جو داغ آهي؛ ۽ ڪاهن انهي کي پاڪ ٺهرائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

23 پر جيڪڏهن اهو چمڪندڙ داغ پنهنجيءَ جاءِ تي بيٺو هجي ۽ پکڙيو نہ هجي، تہ پوءِ اهو رڳو ڦرڙيءَ جو داغ آهي ۽ ڪاهن انهيءَ ماڻهوءَ کي پاڪ قرار ڏئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 13:23
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ يهوداہ اهي شيون سڃاڻي چيو تہ هوءَ مون کان وڌيڪ راستباز آهي؛ ڇالاءِ جو مون پنهنجي پٽ سيلہ سان هن جي شادي نہ ڪرائي. ۽ انهي کان پوءِ هو وري وٽس نہ ويو.


تڏهن دائود ناتن کي چيو تہ مون خداوند جو گناهہ ڪيو آهي. ۽ ناتن دائود کي چيو تہ خداوند بہ تنهنجو گناهہ معاف ڪيو آهي؛ تون مرندين ڪين.


جيڪو پنهنجا قصور لڪائي ٿو سو سکيو نہ گذاريندو، پر جيڪو اُهي قبول ڪندو ۽ ڇڏيندو تنهن کي رحم حاصل ٿيندو.


۽ جيڪڏهن اهو کل تي پکڙجي پوي، تہ پوءِ ڪاهن انهي کي ناپاڪ ٺهرائي: اهو مرض آهي.


يا جڏهن ڪنهن جي بت جي کل تي باهہ ۾ سڙڻ جي ڪري داغ ٿيو هجي، ۽ سڙيل هنڌ جو جيئرو ماس ڳاڙهيرو اڇو، يا صفا اڇو ٿي پوي؛


پر جيڪڏهن ڪاهن هن کي چڪاسي، ۽ ڏسو، جي انهي چمڪندڙ داغ جا وار اڇا نہ ٿيا هجن، ۽ اهو هنڌ کل کان اونهو نہ هجي، ۽ جهڪو هجي؛ تہ پوءِ ڪاهن هن کي ست ڏينهن بند ڪري ويهاري:


۽ پطرس کي اُها ڳالهہ ياد آئي جا يسوع چئي هئي، تہ ڪڪڙ جي ٻانگ ڏيڻ کان اڳي تون ٽي ڀيرا منهنجو انڪار ڪندين. پوءِ هو ٻاهر وڃي زار زار روئڻ لڳو.


تنهنڪري اوهان کي گهرجي تہ کيس معاف ڪريو ۽ تسلي ڏيوس، متان اهو ماڻهو گهڻي غم ڪري برباد ٿي وڃي.


اي ڀائرو، جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن گناهہ ڪندي پڪڙيو وڃي، تہ اوهين جي روحاني آهيو، سي اهڙي شخص کي نرم مزاجيءَ سان وري بحال ڪريو؛ ۽ پنهنجو بہ خيال ڪريو، متان اوهين بہ آزمائش ۾ پئو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ