Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 13:19 - Sindhi Bible

19 ۽ ڦرڙي واري جاءِ تي ڪا اڇي سوڄ هجي، يا ڪو اڇو ڳاڙهيرو چمڪندڙ داغ هجي، تہ اهو ڪاهن کي ڏيکاريو وڃي؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

19 ۽ انهيءَ ڦرڙيءَ واري جاءِ تي اڇي سڄيل جڳهہ هجي يا اڇو ڳاڙهيرو چمڪندڙ داغ هجي تہ اهو ڪاهن کي ڏيکاريو وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 13:19
6 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ جيڪڏهن ڪنهن جي بت جي کل تي ڪا ڦرڙي هجي، ۽ اها ڇٽي ويئي هجي،


۽ ڪاهن هن کي چڪاسي، ۽ ڏسو، جيڪڏهن اهو هنڌ کل کان اونهو ڏسڻ ۾ اچي، ۽ انهي هنڌ جا وار بہ اڇا ٿي ويا هجن تہ ڪاهن انهي کي ناپاڪ ٺهرائي: اهو ڪوڙهہ جو مرض آهي، جو ڦرڙيءَ مان پيدا ٿيو آهي.


يا جڏهن ڪنهن جي بت جي کل تي باهہ ۾ سڙڻ جي ڪري داغ ٿيو هجي، ۽ سڙيل هنڌ جو جيئرو ماس ڳاڙهيرو اڇو، يا صفا اڇو ٿي پوي؛


پر جيڪڏهن انهي گنجي مٿي تي، يا گنجيءَ پيشانيءَ تي، ڳاڙهيرو اڇو مرض هجي؛ تہ اهو ڪوڙهہ آهي، جو هن جي گنجي مٿي تي، يا گنجي پيشانيءَ تي نڪتو آهي.


پوءِ ڪاهن هن کي چڪاسي: ۽ ڏسو، جيڪڏهن اهو مرض وارو داغ هن جي گنجي مٿي تي يا گنجي پيشانيءَ تي ڳاڙهيرو اڇو هجي، جيئن ڪوڙهہ بت جي کل تي ڏسڻ ۾ ايندو آهي:


۽ هو انهي مرض کي چڪاسي، ۽ ڏسو، جيڪڏهن اهو مرض گهر جي ڀتين ۾ هئڻ ڪري انهن ۾ سائيرا ۽ ڳاڙهيرا چير ٿي پيا هجن، ۽ اهي چير ڀت ۾ اونها ڏسڻ ۾ اچن،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ