18 ۽ جيڪڏهن ڪنهن جي بت جي کل تي ڪا ڦرڙي هجي، ۽ اها ڇٽي ويئي هجي،
18 جيڪڏهن ڪنهن جي جسم جي چمڙيءَ تي ڪا ڦرڙي هجي جا ڇٽي ويئي هجي
۽ يسعياہ چيو تہ انجير جي هڪڙي ٽڪي کڻ. ۽ اُها کڻي انهيءَ ڦرڙيءَ تي رکيائون تہ هو چڱو ڀلو ٿي پيو.
تڏهن شيطان خداوند جي حضور مان نڪري هليو ويو، ۽ ايوب کي پيرن جي ترين کان وٺي مٿي جي چوٽيءَ تائين سخت ڦرڙين جي تڪليف ڏنائين.
۽ چيائين تہ جيڪڏهن تون دل ڏيئي خداوند پنهنجي خدا جو آواز ٻڌندين، ۽ جيڪي سندس نظر ۾ صحيح آهي سو ڪندين، ۽ سندس سڀني حڪمن ۽ قانونن تي هلندين، تہ جيڪي بيماريون مون مصرين تي موڪليون آهن تن مان ڪابہ توتي ڪين موڪليندس؛ ڇالاءِ جو آءٌ اهو خداوند آهيان، جو توکي شفا ٿو ڏيان.
تہ اها سنهي مٽي ٿي مصر جي ملڪ ۾ پکڙجي ويندي، ۽ مصر جي ساري ملڪ ۾ ماڻهن توڙي جانورن تي ڦرڙيون ٿي پونديون، جن مان ڦوڦينڊا نڪرندا.
هاڻي يسعياہ چيو هو تہ انجير جي ٽڪي ٺاهي ڦرڙيءَ تي ليپ وانگي ٻڌن تہ هو ڇٽي پوندو.
۽ ڪاهن هن کي چڪاسي: ۽ ڏسو، جي اهو مرض وارو هنڌ بدلجي اڇو ٿي ويو هجي، تہ پوءِ ڪاهن انهي مريض کي پاڪ ٺهرائي: ڇو تہ هو پاڪ آهي.
۽ ڦرڙي واري جاءِ تي ڪا اڇي سوڄ هجي، يا ڪو اڇو ڳاڙهيرو چمڪندڙ داغ هجي، تہ اهو ڪاهن کي ڏيکاريو وڃي؛
تہ پوءِ ڪاهن هن کي چڪاسي: ۽ ڏسو، جي انهي چمڪندڙ داغ جا وار اڇا ٿي ويا هجن، ۽ اهو مرض کل کان اونهو ڏسڻ ۾ اچي، تہ اهو ڪوڙهہ آهي، جو سڙڻ جي ڪري پيدا ٿيو آهي: ۽ ڪاهن انهي کي ناپاڪ ٺهرائي: اهو ڪوڙهہ جو مرض آهي.