Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




لاوي سرشتو 12:8 - Sindhi Bible

8 پر جي انهيءَ زال کي گهيٽي جيتري وسعت نہ هجي، تہ پوءِ هوءَ ٻہ ڳيرا يا ڪبوتر جا ٻہ ٻچا آڻي؛ هڪڙو سوختني قربانيءَ لاءِ، ۽ ٻيو گناهہ جي قربانيءَ لاءِ: ۽ ڪاهن هن جي لاءِ ڪفارو ڪري تہ پوءِ هوءَ پاڪ ٿيندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 پر جيڪڏهن انهيءَ عورت کي گھيٽي ڏيڻ جيتري طاقت نہ هجي تہ پوءِ هوءَ ٻہ ڳيرا يا ٻہ ڪبوتر آڻي، هڪڙو ساڙڻ واري قربانيءَ لاءِ ۽ ٻيو پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ. اهڙيءَ طرح ڪاهن هن جي لاءِ ڪفارو ادا ڪندو تہ هوءَ پاڪ ٿي ويندي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




لاوي سرشتو 12:8
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪڏهن خداوند جي لاءِ انهي جي قرباني پکين مان سوختني قرباني هجي، تہ هو پنهنجي قرباني ڳيرن مان يا ڪبوترن جي ٻچن مان آڻي پيش ڪري.


۽ هوءَ خداوند جي حضور ۾ اها قرباني چاڙهي ۽ هن جي لاءِ ڪفارو ڪري؛ تہ پوءِ هوءَ پنهنجي رت وهڻ مان پاڪ ٿيندي. اهو قاعدو ويم واريءَ زال جي واسطي آهي، پوءِ هن جو ٻار پٽ هجي توڙي ڌيءَ هجي.


۽ خداوند موسيٰ ۽ هارون کي فرمايو ۽ چيائين تہ


۽ جيڪڏهن هو غريب هجي ۽ ايترو آڻي نہ سگهي، تہ خطا جي قربانيءَ لاءِ لوڏڻ واسطي هڪڙو گهيٽو آڻي، تہ هن جي لاءِ ڪفارو ڪيو وڃي، ۽ کاڌي جي قربانيءَ لاءِ هڪڙي ايفہ جي ڏهين حصي جيترو تيل ۾ ڳوهيل ميدو، ۽ هڪڙو ماڻ تيل جو؛


۽ ٻہ ڳيرا يا ڪبوتر جا ٻہ ٻچا، جيڪي بہ آڻي سگهي؛ تن مان هڪڙو گناهہ جي قربانيءَ لاءِ ۽ ٻيو سوختني قربانيءَ لاءِ آڻي.


۽ اٺين ڏينهن هو ٻہ ڳيرا يا ڪبوتر جا ٻہ ٻچا کڻي، جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ خداوند جي حضور ۾ آڻي ڪاهن کي ڏئي:


۽ ڪاهن انهن مان هڪڙو گناهہ جي قربانيءَ لاءِ ۽ ٻيو سوختني قربانيءَ لاءِ پيش ڪري: ۽ ڪاهن هن جي واسطي سندس پرميل جي مرض لاءِ خداوند جي اڳيان ڪفارو ڪري.


۽ اٺين ڏينهن هوءَ ٻہ ڳيرا، يا ڪبوتر جا ٻہ ٻچا کڻي، جماعت واري تنبوءَ جي در تي ڪاهن وٽ آڻي؛


۽ انهي جي سڀ چرٻي، سلامتيءَ جي قربانيءَ واري چرٻيءَ وانگر قربانگاهہ تي رکي ساڙي: ۽ ڪاهن هن جي لاءِ سندس گناهہ جي بابت ڪفارو ڪري، تہ پوءِ هن کي معافي ملندي.


پر جيڪڏهن هن کي ٻن ڳيرن يا ڪبوترن جي ٻن ٻچن جي بہ وسعت نہ هجي، تہ هو پنهنجي گناهہ جي لاءِ ايفہ جي ڏهين حصي جيترو ميدو، گناهہ جي قرباني طور آڻي: هو انهي تي تيل نہ وجهي، نڪي مٿس لوبان رکي: ڇالاءِ جو اها گناهہ جي قرباني آهي.


۽ جيڪڏهن هن کي گهيٽي يا ٻڪريءَ جي وسعت نہ هجي، تہ هو پنهنجي گناهہ جي لاءِ خداوند جي حضور ۾ ٻہ ڳيرا، يا ڪبوتر جا ٻہ ٻچا، گناهہ جي قربانيءَ طور آڻي؛ هڪڙو گناهہ جي قربانيءَ لاءِ، ۽ ٻيو سوختني قربانيءَ لاءِ.


۽ يسوع خدا جي هيڪل ۾ گهڙيو، ۽ جن اتي خريد ۽ فروخت ويٺي ڪئي، تن سڀني کي ٻاهر ڪڍيائين، ۽ صرافن جا صندل ۽ ڪبوتر وڪڻڻ وارن جون صندليون اونڌيون ڪري ڇڏيائين.


ڇالاءِ جو اوهان کي اسان جي خداوند يسوع مسيح جي فضل جي خبر آهي، تہ جيتوڻيڪ هو دولتمند هو تہ بہ اوهان جي خاطر غريب ٿي ويو، انهي لاءِ تہ اوهين سندس غريبيءَ جي ڪري دولتمند ٿي وڃو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ